سنڌ بئراج سميت ڪو به بند سنڌو تي قبول ناهي: نواز خان زئنور

سڪرنڊ ) ن ع آ) جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چئرمين نواز خان زئور، محمد علي خشڪ ۔چيو آھي سنڌ بئراج سميت ڪو به بند سنڌو درياء تي قبول نه ڪنداسين۔ڪئينال۔ڊيمن ٺھڻ جي نتيجي ۾ سنڌ جا اڪثر علائقا بنجر بڻجي ويا آھن سنڌي ماڻھو پنھجن علائقن مان لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور بڻيل آھن اھڙو اظھار ھن سڪرنڊ ۾ قومي ڪارڪنن سان ڳالھائيندي ڪيو۔نواز خان زئور وڌيڪ چيو ته سامونڊي پٽي تباھ ٿي وئي آھي۔جر کارا ٿي ويا آھي سمنڊ ۾ ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري سمنڊ لکين ايڪڙ زمين گڙڪائي ويو آھي۔ھر دور ۾ سنڌ جي پاڻي تي بند ٻڌو ويو آھي سنڌو دريا جڏھن جوڀن سان وھندو ھو تڏھن ھر طرف ساوڪ نظر ايندي ھئي ھينئر زمينون بنجر ڏسڻ ۾ اچن ٿيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.