ڊگهڙي ۾ سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيو، واپڊا خلاف ڌرڻو

ڊگھڙي ( ن ع آ ) ڊگھڙي جي بلوچ ڪالوني  رهواسين  سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف  اڄ ٻيهر قاري عبداللطيف بلوچ،طارق بلوچ،ساگر بلوچ،آڪاش بلوچ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ واپڊا خلاف پريس ڪلب ڊگهڙي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي ميرواھ گورچاڻي ۽ ڪوٽ غلام محمد روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيا،ڌرڻي سبب شھر طرف ايندڙ ويندڙ گاڏين جون قطارون لڳي ويون،ان موقعي تي ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙن جو چوڻ هو ته اسان جي پاڙي جو ٽرانسفارمر واپڊا وارن جي نااهلي سبب سڙي ويو، اسان بار بار ايڪسيئن واپڊا ڊگھڙي،ايس ڊي او ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کي اسان جو جائز مسئلو حل ڪرائڻ جو چونداسين رهياسين، پر اسان جي ڪير هڪ به ٻڌڻ لاءِ  تيار ناهي گذريل ڏينهن اسان باءِ  پاس ڊگهڙي تي ڌرڻو هنيو اسان سان واعدو ڪيو ويو ته توهان جو ٽرانسفارمر لڳائي ڏيون ٿا جيڪو اڃان تائين ناهي لڳو،گذريل ٽن ڏينهن کان پاڙي ۾ بجلي نه هئڻ ڪري سخت گرمي ۾ عذاب واري زندگي گهاري رهيا آهيون گهرن ۾ پيئڻ لاءِ پاڻي ناهي، بيمار پيرسن معصوم ٻارڙا ۽ نمازي سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن، هنن چيو واپڊا اختياريون پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ لاءِ  تنگ ڪندا رهن ٿا،  شھرين جي ڀلائي لاءِ  واپڊا کي فوري طور تي خانگي بڻايو وڃي هنن وفاقي وزير بجلي،چيف آف حيسڪو ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته اسان جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل ڪرڻ سان گڏ اداري کي بچائڻ لاءِ خانڳي ڪيو وڃي ڌرڻي سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻھون واپڊا خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.