عدالتي حڪم باوجود جوهي جي شاخن ۾ پاڻي نه پهتو، آبادگار سراپا احتجاج

جوهي  ( ن ع آ  )  جوهي جي پڇڙي جي متاثرين  شاخن ۾ زرعي  پاڻي نه پهتو, آبادگارن پاران  هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي , ميهر گاڏهي, گلشير رند, ياسين جمالي ,خان محمد رودناڻي, صفر لنڊ  خليل عارف سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مخدوم بلاول پارڪ کان احتجاجي مظاهرو ڪري فاضل چونڪ تي ڌرڻو هنيو , ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ آبادگارن چيو ته جوهي برانچ مان نڪرندڙ 8 شاخون سُڪي ٺوٺ ٿي ويون آهن, هر طرف ڪربلا ۽ قيامت جا منظر آهن نظر اچي رهيا آھن , آبپاشي عملدار عدالتي حُڪم باوجود پاڻي چورن خلاف ڪارروائي ڪري شاخن ۾ پاڻي ناهن پهچائي سگهيا, پيئڻ لاء پاڻي ناهي, لاش کي غُسل ڏيڻ لاء پاڻي ناهي, هنن چيو ته منڍ جا بااثر کاتيدار پاڻي تي قابض آهن سر عام غير قانوني پائپ لفٽ مشينون  سان ڌاڙا هڻي رهيا آهن, آنادگارن الزام هنيو آهي ته پاڻي چوري ۽ جوهي جي تباهي جا ذميوار هتان جا چونڊيل نمائنده آهن, هنن مطالبو ڪيو ته منڍ جي بااثر کاتيدارن , ڀوتارن ۽ سندن سهولتڪارن پاران پاڻي تي ڌاڙا بند ڪرائي شاخن ۾ پاڻي پهچايو وڃي ۽ جوهي برانچ رينجرس جي حوالي ڪري متاثرين,آبادگارن سان انصاف ڪيو وڃي ,

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.