راضيديري ۾ پوليس اهلڪار تي تشدد، ڦرلٽ

راضي ديرو (ن ع آ ) راضي ديرو شهر مان امن جو پکي آڏامي ويو هڪ ئي رات جو پوليس اهلڪار وزير علي ڪلهوڙو بهارو ٿاڻي جي پڪٽ تان ڊيوٽي ڪري واپس گهر اچي رهيو هو ته وچ رستي تي 3 هٿياربند موٽر سائيڪل موبائيل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري تشدد جو نشاڻو بڻائي ڇڏيو راضي ديرو شهر جي محمد نواز کهڙو جي ڪريانه دوڪان کي نامعلوم چورن کاٽ هڻي اسي هزار روڪ ۽ ٻيو ماليتي سامان چوري ڪري ويا. ڦريون چوريون راضي جي آس پاس جي علائقي ۾ مامعول ڳالهه بڻجي ويون آهن ڪا آئي وئي رات ڪنهن نه ڪنهن کان ڦر ۽ چوريون مامعول ڳالهه ٿئي وئي آهي ڳوٺاڻا سڄي رات جاگڻ تي مجبور ٿي ويا آهن پر اڳڙا حد جي پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪري سگهي آهي ايس ايس پي خيرپور ڊي آء جي سکر کي گهرجي ته فوري تور نوٽيس وٺي ڪري چوريون ٿيل شئيون واپس ڪرائي امن بحال ڪرائي علائقي واسين جي بيچيني ختم ڪرائي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.