خيرپور لڳ جوابدارن جي نينگر سان بدفعلي

خيرپور(ڊر) اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ گلڻ ڦلپوٽو ۾ جوابدارن جي نينگر عمران پٽ حيدر بخش ڦلپوٽو سان مبينا بدفعلي، ان سلسلي ۾ نينگر جي چاچي گلزا ڦلپوٽو صحافين کي ٻڌايو ته منهنجو ڀائيٽيو عمران مال چاري رهيو هو ته جوابدار سليم ڦلپوٽو ۽ يونس ڦلپوٽو کيس پوک ۾ زبردستي کڻي بدفعلي ڪئي ۽ بيوشي جي حالت ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا اطلاع تي ڳوٺاڻا واقعي واري هنڌ پهچي بيوش نينگر کي سول اسپتال خيرپور پهچايو جتي سندس علاج جاري آهي هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي اي سيڪشن پوليس ٻڌايو ته بدفعلي جو نشانو بڻايل نينگر کي ميڊيڪل جي لاءِ ليٽر ڏنو ويو آهي ۽ واقعي جي اين سي دال ڪئي وئي آهي جيئن ئي ميڊيڪل ليٽر ملندو ته  واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.