تلھار ويجھو پمپ مالڪ ۽ مقاطعيدار وچ ۾ تڪرار تيز

تلھار (ن ع آ)  تلھار ويجھو جمالي ڦڙدو ۾ ادنان ميمڻ جي پيٽرول پمپ ايجنسي تي پٺاڻن پاران قبضو ڪرائي مالڪن کي پمپ تي نه اچڻ جون دمڪيون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون ان حوالي سان پمپ مالڪ ادنان ميمڻ صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته مون پمپ ثمرين ۽ احمد شاھ پٺاڻن کي يارنھن مھينن لا۽ مسواڙ تي ڏنو ھو جيڪا مدت ختم ٿيڻ بعد آئون پنھجي پيٽرول پمپ تي ويس ته اتي موجود جاويد راھمون ھٿيارن سان ليس موجود مليو جنھن غيرقانوني طور تي پنھجي ڪوڙي مالڪي ڄاڻائي مون مٿان ھٿيار اڀا ڪري پمپ تان ھليو وڃ اھڙي ڌمڪي ۽ غيراخلاقي ٻولي جو استعمال ڪري 2لک 50 ھزار ڀتو پڻ گھريو جنھن تان انڪار ڪري جان بچائي واپس تلھار اچي فرياد لکرايو اٿم جڏھن ته سيشن ڪورٽ بدين ۾ به ساڳي درخواست پمپ تي قبضو ڪندڙن جاويد راھمون امان الله راھمون ۽ ٻين نامعلوم ماڻھن خلاف داخل ڪرائي آھي ھن وڌيڪ چيو ته جاويد راھمون ھڪ ڏوھاري قسم جو ماڻھو آھي جنھن مان جان جو خطرو پڻ آھي ۽ راھمان تنظيم کي معزز شھرين واپارين خلاف بلاجواز استعمال ڪري ڏوھاري کي طاقتور بڻايو پيو وڃي تلھار ۾ بدمعاشيون عروج تي پھچي ويون آھن زاتي ملڪيتون جايون زمين مسواڙ تي پٺاڻ وٺي دھشتگرد ويھاري قبضو ڪرائين ٿا جنھن جي خلاف وزير اعظم پاڪستان،وزير اعلي سنڌ، ڊي جي رينجرس سنڌ، آئي جي سنڌ، سوموٽو نوٽس وٺي ملوث جوابدارن خلاف سخت ڪاروائي ڪري پمپ تان قبضو ختم ڪرائي تحفظ فراھم ڪرائين ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو ھوڏانھن الزام ھيٺ آيل جاويد راھمون صحافين کي ٻڌايو ته آئون پٺاڻن پاران پمپ تي مينيجر بطور ڊيوٽي ڏئي رھيو ھئس مونکي پگھارون ناھن مليون مون پمپ تي ڪو بي قبضو ناھي ڪيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.