ٽنڊو ڄام لڳ موبلنڪ فرنچائز شاپ تان هٿيارن جي زور تي ڦر

ٽنڊوڄام(ن ع آ) ٽنڊوڄام ويجهو کيسانه موري اسٽاپ وٽ حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تي ٽي نامعلوم ڦورو مبينا ھٿيارن جي زور تي جاز موبلنڪ فرنچائز جي اونر عبدالوهاب کان چار لک پنجاھ ھزار رپيا روڪ ۽ موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا جڏھن ته واقعي جي رپورٽ داخل ناهي ڪئي وئي ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ممتاز ٿيٻو ٻُڌايو ته جاز ڪمپني جو اونر ٽنڊوالهيار مان پيسن جي رڪوري ڪرڻ بعد ڳوٺ سانوڻ خان گوپانگ آبڙي مان دڪاندار کان پيسا وصول ڪري واپس اچي رهيو هو ته موٽرسائيڪل سوار ٽن نامعلوم هٿياربند کيس هٿيارن جي زور تي ڦر ڪئي ۽ فرار ٿي ويا جڏھن ته سندس موبائيل جي لوڪيشن ٽريس ڪرائڻ بعد انبن جي باغ مان سندس موبائيل هٿ ڪيو ويو آھي ۽ هاڻ وڌيڪ جاچ ٽنڊوالهيار جي انهن ماڻهن کان ڪيون پيا جن کان جاز ڪمپني جي اونر پاران پيسن جي رڪوري ڪئي آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.