ڀرياسٽي مان ٽي معصوم ٻارڙا ڏيڍ لک ٺڳي فرار

ڀرياسٽي ( ن ع آ )  ڀرياسٽي جي پارڪ روڊ تي سيٺ نديم راجپوت جي ڪريانا اسٽور تي سندس ويٺل ڀاءُ  حاجي نورمحمد راجپوت کي ٽن شاھينگ ٻارڙن ذھني طرح دڪاندار کي ڳالھين ۾ لڳائي ھڪ معصوم نينگري رقم واري گلي مان ڏيڊ لک روپيا ڪيش کڻي فرار ٿي ويا، معصوم ٻارڙن جي اھڙي ٺڳڻ واري سي سي ٽي وي وڊيو سامھون اچڻ بعد ٺڳ شاھينگ ٻارڙن جي شھرين ۽ دڪاندارن پاران ڳولا ڪئي وئي پر ٻارڙا فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ، شاھينگ ٻارڙن اھڙي ڪارروائي بعد دڪاندار جا مٿي تي ھٿ اچي ويا ۔جڏھن ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي سيٺ نديم راجپوت ٻڌايو ته ٽي اٺڄاتل شاھينگ ٻارڙا دڪان جي ڪائونٽر مان ٻه لک روپيا ٻھاري کڻي ويا آھن، جڏھن ته ٻئي اڻڄاتل ٺڳ شاھينگ ٻارڙن خلاف ٿاڻي اين سي داخل ڪرائي وئي آھي، جڏھن ته پوليس پاران جاچ شروع ڪئي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.