خيرپور ناٿن شاهه ۾ ملاح برادري جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو

خيرپورناٿن شاھ (ن ع آ ) خيرپورناٿن شاھ ۾ سنڌ سماٽ ملاح آرگنائيزيشن جي سڏ تي ملاح برادري جي ماڻهن جو نائچ برداري جي زيادتين خلاف ممتاز ملاح، وزير ملاح، نياز ملاح، مير ملاح، نالي مٺو ملاح،عبدالحميد ملاح، سڪندر ملاح ۽ اعظم ملاح جي اڳواڻي ۾ ڪميونٽي سينٽر کان علمدار چونڪ تائين احتجاجي مظاهرو ڪري مک روڊ تي ڌرڻو هنو  ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڪجھ ڏينهن اڳ ملاح برادري جي سردار حاجي ايوب ملاح جوهي بئراج ساهمون پنهنجي خريد ڪيل سروي زمين ڏسڻ آيو ته نائچ برادري جي ماڻهن مٿس قاتلانو حملو ڪري مٿس انڌادنڌ فائرنگ ڪري ڏنڊا ۽ ڪهاڙيون هڻي زخمي ڪري وڌو، هنن چيو ته سردار حاجي ايوب ملاح ڳوٺ محمد يوسف نائچ ۾ غلام مصطفي’ انصاري کان زمين خريد ڪئي جنهن جا هن وٽ ڪاغذ به موجود آهن پر نائچ برادري جا ڪجھ ماڻهو ان جي خريد ڪيل زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن قبضي جي ڪوشش روڪڻ تان انهن فائرنگ ڪئي پوليس الٽو ڪيس به اسان جي ماڻهن مٿان داخل ڪيو جيڪا سراسر ناانصافي آهي. هنن بالا آفيسرن کان مطالبو ڪندي چيو ته نائچ برادري جي بااثرن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري ڪيس داخل ڪري حاجي محمد ايوب ۽ ٻين مٿان داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

الله بخش ٽالپر تلهار اسپتال پهتو، دوائن ۽ ٻين سهولتن لاءِ  دانهون

تلهار  (ن ع آ)پ پ ايم پي اي مير الهبخش ٽالپر پاران رورل هيلٿ سينٽر تلهار ۽ ٽائون ڪميٽي جو اوچتو دورو، ايم ايس پاران دوائن جو کوٽ، ڊاڪٽرن جي کوٽ، ايمبولينس پراڻيون هجڻ سميت ٻين مسئلن بابت آگاهي ڏني، ايم پي اي مير الهبخش ٽالپر پاران سمورا مسئلہ حل ڪرائڻ جي خاطري پڻ ڏياري رورل هيلٿ سينٽر تلهار جي ايم ايس سيد عظمي شاھ بخاري مير الهبخش ٽالپر کي ٻڌايو ته تلهار اسپتال کي توهان جي ڪوششن سان تعلقه جو درجو ته ملي ويو آهي پر بلڊنگ جو ڪم اڃان تائين شروع ناهي ڪيو ويو،اسان وٽ هن وقت اسان کي ميڊيسن پڻ تمام گهٽ ملي رهي آهي جنهن تي غريب عوام کي تمام گهڻيون ڏکيائون پيش اچن ٿيون پ پ پ ايم پي اي مير الهبخش ٽالپر ايم ايس کي خاطري ڏياريندي چيو ته اسپتال کي اپگريڊ جو درجو ملي ويو آهي جلد بلڊنگ جو ڪم به شروع ٿيندو ۽ گهربل سموريون سهولتون پڻ ڏنيون وينديون جڏھن ته ٽائون ڪميٽي تلھار ۾ پ پ ايم پي اي مير الھبخش ٽالپر پھچي شھر جي ترقياتي ڪمن ۽ پينشنر جي پينشن جاري ڪرڻ بابت ٽائون آفيسر مير منظور ٽالپر کي بريفنگ ڏني جڏھن ته شھر ۾ رھجي ويل گھٽين جا ڪم به جلد ڪرائڻ جو حڪم پڻ جاري ڪري ڇڏيو ان موقعي تي پ پ يوٿ ضلعي نائب صدر پير محفوظ شاھ قادري،عوامي پريس ڪلب تلھار جو صدر عاجز انور لاشاري،پ پ اڳواڻ حاجي ڪڇي،گوپال ۽ ٽائون اسٽاف پڻ موجود ھئا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.