لاڙڪاڻي چانڊڪا ۾ ڪورونا جا 10 کان وڌيڪ مريض داخل، علاج شروع

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ ڪورونا جي وڌيڪ 10 مريضن کي ڪورونا وارڊ ۾ داخل ڪرائي سندن جو علاج شروع ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان چانڊڪا اسپتال ۾ قائم ڪورونا وارڊ جي انچارج ڊاڪٽر گلزار تونيو رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪورونا وارڊ ۾ اڄ 10 مريضن کي داخل ڪرايو ويو جن کي فوري طور طبي امداد ڏني وئي جن جي حالت خطري کان ٻاهر آهي. هن ٻڌايو ته شهري ڪورونا ايس او پيز تي عمل نه پيا ڪن جنهن ڪري ايندڙ ڏينهن ۾ ڪورونا جي ڪيسن ۾ واڌ جا امڪان آهن. هن شهرين کي اپيل ڪئي ته ماسڪ پائي سينيٽائيزر جي استعمال ۽ سماجي مفاصلي کي يقيني بڻائي ايس او پيز تي عمل ڪيو وڃي جيئن جلد کان جلد هن وبا مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي.

سجاول جي  ڊي سي خلاف آل پارٽيز جي سڏ تي اڄ ريلي نڪرندي

سجاول ( ڊر ) سجاول ۾ گذريل ٻن سالن کان وڌيڪ عرصو رهندڙ ڊپٽي ڪمشنر سجاول اسماعيل ميمڻ پاران ضلعي جي عوام سان اڍنگو رويو اختيار ڪرڻ خلاف آل پارٽيز ايڪشن ڪميٽي  ضلعي سجاول جي سڏ تي اڄ   مختلف سياسي سماجي قومپرست ڌرين شھرين طرفان شھر جي مامون لاڏو چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي ڊي سي ھائوس آڏو ڌرڻو ھنيو ويندو ان سلسلي ۾ آل پارٽيز ايڪشن ڪميٽي ۾ شامل پارٽين پاڪستان تحريڪ انصاف مجلس وحدت المسلمين جمعيت علمه اسلام، قومي عوامي تحريڪ سنڌ ترقي پسند پارٽي، ايس يو پي، لغاري اتحاد،  شھري اتحاد سجاول، اميرالبحر، پ پ شھيد ڀٽو ۽ ٻين پارٽين پاران تياريون مڪمل ڪيون ويون آهنٻئي طرف آل پارٽيز ايڪشن ڪميٽي سجاول ضلعي جي چيئرمين يونس ڀان ء ٻين جو چوڻ آهي ته ڌرڻي جي ڪاميابي عوام جي ڪاميابي ھوندي . ڊپٽي ڪمشنر محمد اسماعيل ميمڻ صرف وڏيرن ڀوتارن جي ونگارون وھڻ لاءِ ڪرسي تي ويٺل آهي ھن کي عوام جي خدمت جي ڪابه پرواھ ناهي اھڙي نااھل آفيسر کي ھرگز برداشت نه ڪيو ويندو کيس ھٽائڻ تائين احتجاجي ڌرڻو جاري رهندو

سکر ۾ سيد خورشيد شاهه جي گرفتار خلاف پ پ اجلاس ٿي گذريو

سکر( رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي سکر سٽي پاران آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاھڻ جي الزام ھيٺ 2 سالن کان گرفتار ايم اين اي سيد خورشيد احمد شاهه جي گرفتاري خلاف جنرل ورڪر اجلاس پ پ سٽي جي صدر مشتاق احمد سرهيو جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو. اجلاس جي ۾ ايم اين اي نعمان اسلام شيخ، پ پ سٽي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر ارشد مغل، چودري اظھر حسنين، سنڌ جي وڏي وزير جي سکر بلديا جي حوالي سان مقرر ڪيل صلاحڪار اڳواڻي ميئر ارسلان اسلام شيخ، ڊپٽي ميئر طارق چوھاڻ، ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ سيد خورشيد احمد شاهه جي گرفتاري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي، اجلاس کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته وفاقي حڪومت انتقامي ڪارروائي تحت 2 سالن کان پ پ جي مرڪزي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه کي ڪوڙي ڪرپشن جي ڪيس ۾ گرفتار ڪري جيل ۾ بند ڪيو آھي، پ پ جي سينئر اڳواڻ کي عوام جي خدمت ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو آھي. اڄ پ پ سکر سٽي جي سڏ تي پ پ يوٿ ونگ، پ پ ليڊيز ونگ، پ پ سپاف پاران منجھند جو سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.