عطاءُ الله مينگل جهڙا ماڻهو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن: غلام قادر مري

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) پيپلزپارٽي جي اڳواڻ رئيس غلام قادر مري چيو آهي ته سردار عطاالله مينگل عظيم بلوچ قوم پرست اڳواڻ هوسندس وفات سان ملڪ هڪ عظيم هستي ۽ اڳواڻ کان محروم ٿي ويو آهي اهڙا ماڻهون صدين ۾ جنم وٺندا آهن سندس فوت ٿيڻ بعد جيڪو خلا پيدا هيو آهي انهي جو ڀرڻ ممڪن نه آهي هن پوري زندگي بلوچ قوم جي حقن جي لاءِ جدوجھد ڪئي. اهڙو اظهار هن ميرپورخاص جي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو هن چيو ته بلوچ قوم جي حقن لاءِ هن پنهنجي تحريڪ جو آغاز انگريزن جي دور ۾ ڪيو ۽ پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ بعد به هن پنهنجي تحريڪ کي جاري رکيو ۽ ون يونٽ جي خاتمي بعد چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ بلوچستان جو پهريون وزير اعليٰ چوندجيو ۽ هن 1973 جي آئين ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ بلوچ قوم جي حقن جي آواز اٿارڻ جي پاداش  ۾ سندس پٽ اسد الله مينگل کي اغوا ڪري سهيد ڪيو ويو پر ان باوجود هن بلوچ قوم جي حقن لاءِ پنهنجي جدوجھد تان هٿ نه کنيو ۽ پنهنجي زندگي جي آخري ڏينهن تائين بلوچ قوم جي حقن لاءِ ڳالهائيندو رهيو. هن چيو ته سرداري عطاءُ الله مينگل قوم پرست اڳواڻن لاءِ مشعل راه آهي سندس اصولن تي عمل ڪري پنهنجي قوم لاءِ جدوجھد ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي سرداري عطاءُ الله مينگل جي جي ايثال ثواب ۽ پوئيرن کي سندس وڇوڙي تي صبر جميل عطا ڪرڻ لاءِ دُعا گھري ويئي.

 ضلعي ڪائونسل ڪراچي بنا ڪنهن فرق جي عوام جي خدمت ڪئي آهي: نور حسن

ملير (ڊ.ر) ايڊمنسٽريٽر ضلع ڪائونسل ڪراچي نور حسن جوکيو چيو آهي ته ضلع ڪائونسل ڪراچي بغير ڪنهن رنگ ۽ نسل جي پنهنجي علائقن اندر رڪارڊ ترقياتي ڪم ۽ عوام جي بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي تحرڪ ورتو آهي، ان سلسلي ۾ ملير جي ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز جي سهڪار ۽ عوامي گهرجن موجب ترقي جي رفتار ڪئي وئي آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ايم اين اي آغا رفيع الله سان گڏ ضلع ڪائونسل ۾ جاري اسڪيمن جو جائزو وٺڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، ان موقعي تي ايڊمنسٽريٽر نور حسن جوکيو وڌيڪ چيو ته ضلعي انتظاميا جي ٽيم جي رپورٽ ۽ نمائندن جي راءِ سان جيڪو ڪم ڪيو ويندو اهو وڏي عرصي تائين عوام لاءِ لاڀ ملندو، سنڌ حڪومت شهر جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرائي رهي آهي، گذريل برساتن کانپوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال کي انتهائي بهتر ۽ فني بنيادن تي مسئلا حل ٿي رهيا آهن،هن چيو ته ڪراچي جي باشعور عوام اهڙي ماڻهن جي نشاندهي ڪري جيڪي نالن ۾ ڪچرو اڇلائي رواني کي متاثر ڪندا آهن جيڪو اوور فلو جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي، اهڙا ماڻهون پنهنجي آبادين لاءِ اذيت جو سبب ٿيندا آهن، ان موقعي تي ايم اين اي آغا رفيع الله چيو ته پاڻي جي اسڪيمن کي جلد کان جلد مڪمل ٿيڻ گهرجي ڇو ته سڀ کان وڌيڪ تڪليف عدم فراهمي تي ٿيندي آهي، يونين ڪائونسل چشما ڳوٺ ۾ هنگامي بنياد تي انڊر گرائونڊ ٽينڪ ٺاهيو وڃي، هن چيو ته پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عوام جي ترجماني ڪندي پوري پاڪستان ۾ انقلابي دورا ڪري رهيو آهي، بلاول ڀٽو زرداري جتي وڃي رهيو آهي عوام شاندار استقبال ڪري رهي آهي، هن چيو ته پارٽي سان لاڳاپيل هر نمائندو هن پليٽ فارم ڀلي الڳ هجي پر پنهنجي تڪ جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات جدوجهد ڪئي آهي، اسان جيالا آهيون، چونڊن بعد عوام جي وچ ۾ رهندا آهيون، اليڪشن دوران نظر ايندڙ مخلوق مان عوام سٺي طرح واقف آهي، هن چيو ته آئنده هر سطح تي جيالن جي حڪومت هوندي، ڪنٽومنٽ بورڊ جي اليڪشن سان جنهن جو آغاز ٿيندو جنهن جي شاندار ڪاميابي بلاول ڀٽو زرداري جي وزيراعظم جي صورت ۾ ٿيندي، عوام جا مسئلا حل ڪرڻ اسان جي ذميواري ۾ شامل آهي جنهن کي ضلع ڪائونسل ڪراچي جي انتظاميا جي تعاون سان حل ڪري رهيا آهيون، ان موقعي تي ايم پي اي محمود عالم ڄاموٽ، ڊسٽرڪٽ انجينئر سيد آصف شاه، امان الله ڀٽي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

مسو واهه پل جو مرمتي ڪم مڪمل نه ٿيو، جروار ۾ احتجاج

جروار  ( ن ع آ ) گهوٽڪي روڊ تي مسوواھ پل جو مرمتي ڪم مڪمل نه ٿيڻ خلاف علائقي واسين  صدام گبول، غلام حسين ملڪ جي اڳواڻي ۾ مسوواھ پل تي ٺيڪيدار ۽آبپاشي انجينئر خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ان موقعي تي مظاھرين جو چوڻ هو ته آبپاشي عملدارن ڪرپشن ڪرڻ جي انتھا ڪري ڇڏي آھي کين پل جو مرمتي ڪم ٻن سالن ۾ به مڪمل نه ڪرائي سگھيا آھن  پل ٽٽڻ  سبب گھوٽڪي جروار جو زميني رابطو به ڪٽيل آھي، جڏھن ته علائقي واسي به عذاب ۾ اچي ويا آھن، ھنن اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.