ڪنگري ويجهو شر پسند ڪيلن جو باغ ڪٽي فرار، احتجاج

پيرجوڳوٺ (ن ع آ) ڪنگري جي ڪچي واري ڳوٺ گل حسن مڱڻيجو ڀرسان هٿياربندن آبادگار عبدالقوي مڱڻيجو جي ڪيلن جي باغ ۾ داخل ٿي 2 جريب ڪيلن جا تيار ٿيل گوشا ڪٽي آساني سان فرار ٿي ويا آھن، متاثر ڳوٺاڻن پاران اهڙو اطلاع برادي جتوئي ٿاڻي جي پوليس کي ڏنو ايس ايڇ او رحمت الله سولنگي پنهنجي عملي سان گڏجي ڄاڻايل هنڌ پھچي ٿيل نقصان جو جائزو ورتو بعد ۾ ڳوٺ گل حسن مڱڻيجو جي عبدالقوي مڱڻيجو، الھنوازيو مڱڻيجو، سعيد احمد مڱڻيجو، عبدالرحيم مڱڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، مظاھرين جو چوڻ آھي ته برادري جو بااثر وڏيرو غازي امان الله مڱڻيجو جي چرچ تي هٿياربندن اسان جي ڪيلن جي باغ ۾ داخل ٿي تيار ٿيل لکين رپين جا گوشا ڪٽي ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا آھن،هنن چيو ته 4 ڏينهن اڳ اسان غلام قادر مڱڻيجو کان غازي امان الله مڱڻيجو پاران ڪڻڪ ڦر واري انڪوائري ۾ قرآن پاڪ تي حقيقي بيان ڏنو هو جنهن بعد وڏيري اسان کي مارڻ ۽ فصل تباھ ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون هيون، هنن چيو ته ڄاڻايل وڏيرو مٿان اڳ به ڪيترائي قتلن، اغوائن سميت ٻيا ڪيس داخل ٿيل آھن پر پوليس ساڻس ٻٽ بڻيل رھي ٿي، هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو آھي ته اسان جي ٿيل نقصان جو ڪيس ڄاڻايل وڏيري ۽ سندس هٿياربند ساٿين خلاف داخل ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن ڊي آءِ جي سکر فدا حسين مستوئي ڄاڻايل واقعي جو نوٽيس وٺندي خيرپور پوليس کي هدايت ڪئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.