عدالتي جي حڪم بعد ميرپور خاص ۾ او پي ايس تي مقرر ملازمن ۾ ٿرٿلو

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران سنڌ جي مختلف کاتن ۾ او پي ايس ۽ ٻٽين چارجن تي ويٺل ملازمن کي سندن عهدن تان هٽائڻ لاءِ سيڪريٽرين کي او پي ايس ۽ ٻٽيون چارجون رکندڙن کي فوري طور هٽائي سندن اصل عهدن تي مقرر ڪري 10 ڏينهن اندر رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪرڻ وارين هدايتن بعد ميرپورخاص ضلعي جي ميونسپل ڪاميٽي سميت مختلف کاتي ۾ او پي ايس تي ويٺل ملازمن ۽ ٻٽيون چارجون رکندڙ بااثر سرڪاري ملازمن ۾ ٿرٿلو متل آهي، ذريعن موجب ميونسپل ڪاميٽي ميرپورخاص جي 19هين گريڊ واري پوسٽ تي 18هين گريڊ جي اسلم قاضي کي وقتي چيف ميونسپل آفيسر، ٽيڪسيشن آفيسر جي 18هين گريڊ تي 16 گريد ۽ ورڪ انسپيڪٽر کي ٽيڪس سپريٽينڊنٽ جي پوسٽ تي غيرقانوني طور مقرر ٿيل آهن جڏهن ته ميونسپل ڪاميٽي سينيٽري انسپيڪٽرن سميت مختلف پوسٽن تي سفارشن عيوض ننڍن گريدن جا ملازم مقرر ڪيل آهن جيڪي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي هدايتن جي تحت هٽائڻ وارين لسٽن ۾ شامل ڪيا ويا آهن، ذريعن موجب ميونسپل ڪاميٽي ۾ تڪڙين مقررين ۽ بدلين کي ڏسندي ميونسپل ڪاميٽي جو هلندڙ سال جو بجيٽ منظور نه هجڻ جي باوجود هڪ مهيني اندر هڪ ڪروڙ روپين کان وڌيڪ جا بل ٺاهي پاس ڪرائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. جڏهن ته هاءِ ڪورٽ وارين هدايتن بعد ميونسپل ڪاميٽي ۾ موجود ڪروڙين روپين جي فنڊن مان بل پاس ڪرائڻ جي تيارين ۾ اوچتو تيزي اچي ويئي آهي ۽ بل ٺاهڻ لاءِ لاءِ مقرر عملو ۽ ڪوٽيشن تي لکين ورپين جا بل ڪڍرائڻ ۾ سهولت ڪار ٺيڪيدارن رات ۾ به ميونسپل ڪاميٽي جي هڪ فليٽ ۾ ديرا ڄمائي رکيا آهن. ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي ايپڪا اڳواڻ مظهر عباسي چيو ته ميونسپل ڪاميٽي ميرپورخاص ۾ او پي ايس تي وڏي پئمائي تي ملازم مقرر ٿيل آهن جنهن سان حقدار ملازمن جي حقن تي ڌاڙا لڳي رهيا آهن هن کان اڳ به هاءِ ڪورٽ پاران او پي ايس تي مقرر ملازمن ۽ ڪامورن کي هٽائڻ جون هدايتون ڏينون ويون هيون جن تي نالي ماتر عمل ڪيو ويو ۽ وڏي انگ او پي ايس تي موجود ملازمن کي نه هٽايو ويو هڪ ڀيرو ٻيهر هاءِ ڪورٽ پاران او پي ايس ۽ ٻٽيون چارجون رکندڙ سرڪاري ملازمن کي هٽائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حُڪم ڏنو ويو آهي ڏسجي ٿو ته هن ڀيرو به اڳ جيان عمل نه ٿو ڪيو وڃي يا هدايتن موجب کين هٽايو وڃي ٿو ۽ جيڪڏهن نه هٽايو ويو ته عدالت سان رجوع ڪيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.