بهاري ۾ بدامني، 4 چوري ۽ ڦر واقعا، پوليس نه جاڳي

بهارو (رپورٽ جاويد پنهور) بهارو ۽ ڀرپاسي بدامني چوٽ چڙهي وئي. ڏوهارين تر تپائي ڇڏيو. بهارو ۽ڦلو ٿاڻي جي حدن 2 موٽر سائيڪل چوري ۽ 2 ڦر جون وارداتون. گذريل ڏينهن بهارو ٿاڻي جي ڀرسان نئين آبادي مان نامعلوم چور ڳوٺاڻي غلام عمر گاد جي گهر ٻاهران بيٺل موٽر سائيڪل ڪاهي فرار ٿي ويا. جڏهن ته ٻئي واردات ۾ لاڙڪاڻو خيرپور روڊ  درگاهه نورپور ڀرسان تنوير جويو جي نئين موٽر سائيڪل چور ڪاهي ويا. اهڙي ريت ٽئين واردات پڻ بهارو ٿاڻي جي حد ڳوٺ سائدي پڪٽ ڀرسان ڦورو ڳوٺاڻي رحيم سروهي کان 6 هزار روڪ ۽ موبائل فون ڦر ڪري ويا .ان کان علاوه چوٿين واردات ڦلو ٿاڻي جي ڳوٺ ڦلو ڀرسان ڦورن عبدالطيف جنجهڻ کان 4700  سئو روپيا ۽ موڀائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا. چورين ۽ ڦر جي وڌندڙ وارداتن سبب علائقي جو عوام راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور ٿي ويو آهي پر پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاء تيار ناهي. جنهن سبب علائقي جو عوام عدم تحفظ جو شڪار ٿي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.