سنڌ ۾ ٿيندڙ سياسي جلسن تي ويچار

تحرير:غلام حسين جوڻو

سنڌ ۾ گذريل چوڏهن سالن کان وٺي  هڪ ئي پارٽي جي حڪومت هلندي پئي اچي. انهي پارٽي  سنڌ جي جيڪا ڀينگ ڪئي آهي. سا ڪنهن کان لڪل ڪونه آهي. ڪيترائي ماڻهو  سنڌ جي تباهي ڏسي روئن پيا ۽ سندن ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا آهن. انهن مان ڪن ته پ پ پ کي خير باد چئي وڃي ڪنهن ٻئي پارٽي ۾ شموليت ڪئي يا مورڳو سياست مان هٿ ڪڍي  ماٺ ڪري ويهي رهيا. هن وقت پ پ پ جي قيادت جو اهو خيال آهي ته  هو سنڌ ۾ ڪامياب جلسا ڪري سگهن ٿا. ٻئي ڪنهن به پارٽي جي سڏ تي ماڻهو گڏ ڪونه ٿي سگهندا. پر هاڻ سندن اهو خيال هڪ خواب مثال رهجي ويو آهي. سنڌي ماڻهن ۾ ڪافي حد تائين شعور پيدا ٿيو آهي. جنهن جو اندازو پارٽي جي سياسي مخالفن جي جلسن مان لڳائي سگهجي ٿو.

تاريخ 29 آگسٽ تي پي ڊي ايم جو جلسو ڪراچي شهر ۾ ٿي گذريو. جنهن جي اڳواڻي مولانا فضل الرحمان ڪري رهيو هو. ان جلسي ۾ مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ شهباز شريف کان علاوه ٻين ڪيترن ئي اڳواڻن شرڪت ڪري جلسي کي چار چنڊ لڳايا. هن جلسي ۾ هزارين ماڻهو شريڪ ٿيا هئا. ايتري ڪنهن کي به اميد ڪونه هئي ته هيترا ماڻهو به ڄاڻايل جلسي ۾ شرڪت ڪندا. جڏهن ته پ پ پ جي قيادت جو چوڻ هو ته  سنڌ ۾ ڪير به ڪامياب جلسو ڪري ڪونه ٿو سگهي. جيستائين سندن پارٽي عوام کي سڏ نه ڏيندي پر هن دفعي ايئن ڪونه ٿيو. مذڪوره جلسي ۾ ماڻهن جو سمنڊ اٿلي پيو. پ پ پ ، پي ڊي ايم کان ٻاهر هئڻ ڪري،شرڪت ڪونه ڪئي. هن پارٽي جا همدرد ، ووٽر  ،جيالا ۽ تعلق رکڻ وارا ماڻهو شامل ڪونه ٿيا. تنهن هوندي به هيڏي وڏي انگ ۾ عوام جي شرڪت  حڪومت لاءِ چئلينج آهي. اهو ئي سبب آهي جو ،هن وقت ، اسان جي  پياري ۽ مٺڙي سنڌ جي حڪومت بوکلاهٽ جو شڪار ٿيندي پئي وڃي. ماڻهن جي ايڏي وڏي تعداد کي هڪ هنڌ جلسي ۾ شرڪت ٿيڻ سان ايئن ٿو محسوس ٿئي ته  پاڪستان پيپلز پارٽي جي ساک کي وڏو ڌڪ رسيو آهي. ماڻهن مان  ان پارٽي جي همدردي ڪافي حد تائين گهٽجي ويئي آهي. ان جو گراف هيٺ ڪرندو پيو وڃي. جنهن جي باري ۾  بيان ڪيل پارٽي جي قيادت به چڱي طرح اندازو لڳائي سگهي ٿي.

ڇهين جون 2021 ع کان اڳ ۾ به ،سنڌ جون حالتون ٺيڪ ڪونه رهيون آهن.، سنڌي ماڻهو ڪيترن ئي مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي چڪا آهن. جنهن ڪري احتجاج ڪندا رهيا پئي. پر بحريا ٽائون جي اڳيان جيڪو ڌرڻو هنيو ويو. جنهن ۾ لکين ماڻهن شرڪت ڪئي. تڏهن سنڌ حڪومت  احتجاج ڪندڙن تي سڌيون گوليون هلرايون ۽ ملڪيتن کي نقصان ڏياريو. “سنڌ ايڪشن ڪاميٽي” جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا. حڪومت ڌر بڻجي ويئي. جنهن سان ان جي پت وائکي ٿي پئي. ڪيترن ئي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري پريشان ڪيو ويو. هن وقت به سنڌي يونائيٽيڊ پارٽي جو اڳواڻ سيد زين شاهه سينٽرل جيل ڪراچي ۾ قيد آهي. چوڻ جو مقصد ته ،بيان ڪيل تاريخ کان پوءِ  حالتون صفا ڦري ويون آهن. جيڪي پاڪستان پيپلز پارٽي جي حق ۾ ڪونه رهيون آهن. ”سنڌ ايڪشن ڪاميٽي“ جا قومپرست اڳواڻ به خاموش ڪونه ٿي ويٺا. پر انهن به پنهنجي جدوجهد کي جاري رکيو ۽ ڳوٺن توڙي شهرن ۾ وڃي ماڻهن وٽ بيداري ۽ سجاڳي مهم شروع ڪيائون. عوام به کين سٺي موٽ ڏني.سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن جي سڏ تي ، هزارين ماڻهو نڪري پيا ۽ جلسن ، جلوسن ۽ ريلين ۾ شرڪت ڪئي. ٺٽو ،سجاول ، بدين، ماتلي ٽنڊو الهيار ، ٽنڊو محمد خان ، سانگهڙ ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ ماڻهن جو وڏو انگ گڏ ٿيو. حڪومت جي خلاف نعريبازي به ڪئي. اهو جلسن ۽ جلوسن جو سلسلو اڄ به جاري ۽ ساري آهي. سنڌ حڪومت لاءِ اها ڳالهه تمام ڏکي محسوس ٿئي پئي ۽ هضم ڪونه پئي ٿئي. جنهن ڪري انهن جلسن ۾ سرڪار سڳوري رنڊڪون ۽ رڪاوٽون وجهڻ شروع ڪيون آهن ته جيئن ماڻهو  انهن ۾ وڃڻ کان پاسو ڪن. ايتري قدر ماڻهن کي خوف ڏيارڻ ۽ ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. جو  سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي ڪاروان تي زيرو پوائنٽ نوابشاهه وٽ حملو ڪيو ويو. سڌي فائرنگ پڻ ڪئي ويئي. اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي ڪوڙن ڪيسن جون ايف آئي آرز ڪٽيون ويون. تنهن هوندي به سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن پنهنجي جدوجهد مان هٿ ڪونه ڪڍيا ۽ عوام به انهن سان سهڪار ۽ تعاون ڪيو. جنهن ڪري بيان ڪيل قافلو اڳتي  وڌندو رهيو ۽ دوڙ ، جمال شاهه ، قاضي احمد ، مشائخ ، سڪرنڊ ، نواب ولي محمد ، دولت پور صفن، شاهپور ۽ ٻين شهرن ۾ وڏا ، وڏا جلسا ڪيا ويا. جن ۾ ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. چيو پيو وڃي ته ، اها ڪاميٽي سڄي سنڌ جو دورو ڪندي ۽ عوام سان ملندي. کين ٻڌائيندي ته سنڌ ۾ ، سنڌ جي زمينن ، ملڪيتن ۽ وسيلن تي غير قانوني قبضو ڪيو پيو وڃي. جنهن ۾ سنڌ حڪومت ، پيپلز پارٽي جي قيادت  ۽ ملڪ رياض ۽ ان جا حواري ڌر بڻيل آهن. اهو به ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته  نوابشاهه واري حملي جي ڪيس ۾ ڪن قومپرست ڪارڪنن  عدالت سڳوري مان پنهنجيون ضمانتون ڪرايون ۽ هو جيئن ئي ڪورٽ مان ٻاهر نڪتا ته سندن انتظار ۾ بيٺل پوليس کين کنڀي ويئي آهي. اهو محض ان ڪري ڪيو اٿن ته جيئن نوابشاهه واري جلسي ۾ شرڪت نه ڪري سگهن. اهو به حڪومت جي طرفان هڪ رنڊڪ ، رڪاوٽ ۽ رخنو وجهڻ آهي. جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ رستي روڪ آهي.

مٿئين حقيقت جي باوجود به  هزارين ماڻهو تاريخ 5 سيپٽمبر تي نوابشاهه ۾ گڏ ٿي ويا ۽ هڪ تاريخي جلسو ڪري ڏيکاريائون. جڏهن ته پوليس جي طرفان کوڙ ساريون رنڊڪون وڌيون ويون. مختلف شهرن ۾ گاڏين کي روڪيو ويو. ڪارڪنن کي بيجا تنگ ڪيو ويو. پوليس مختلف بهانا بنائي کين روڪي رهي هئي. اهڙي صورتحال ۾ عوام سموريون رنڊڪون ٽوڙي جلسي واري هنڌ پهتو. سنڌ حڪومت جو ڪو به منصوبو ڪامياب ڪونه ٿي سگهيو. هڪ طرف اها حالت ڏسڻ ۾ آئي ته ٻئي طرف بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي طوفاني دوري تي نڪتو. جڏهن ته پ پ پ جي جلسن ۾ جيترا ماضي ۾ ماڻهو شرڪت ڪندا هئا. اوترا هن دفعي گڏ ڪونه ٿي سگهيا. نوابشاهه ۾ کيس رٿيل ۽ طئه ٿيل رستي کي مٽائڻو پئجي ويو ۽ ٻيو روٽ وٺي راڻيپور هليو ويو. اهو ٻڌو اٿئون ته  ان تي پاڻ نوابشاهه جي انتظاميه تي ناراض ٿي پيو آهي ۽ نتيجي ۾ ڊپٽي ڪمشنر کي بدلي ڪيو ويو. گهوٽڪي ۾ ملازم ويچارا قرآن شريف کڻي روڊ تي نڪري آيا ۽ احتجاج ڪيائون. مطلب ته کيس تسلي بخش موٽ ڪونه ملي. ان مان سمجهه ۾ اچي ٿو ته ، سنڌ ۾ پ پ پ کي وڏو ڌڪ رسيو آهي. جنهن جو اندازو بلاول ڀٽو زرداري جي جلسن ۾ عوام جي طرفان ملندڙ موٽ مان لڳائي سگهجي ٿو.

هاڻ ڏسجي ته  ايندڙ وقت ۾ سياسي حالتون ڪهڙيون ٿيون ٿين. هڪ طرف مولانا راشد محمود سومرو سرگرم ٿيندو پيو وڃي. جنهن کي به ڪافي سنڌي ماڻهن جي حمايت حاصل آهي ته ٻئي طرف سنڌ ايڪشن ڪاميٽي به پنهنجي جدوجهد جاري رکيو اچي. عوام ان سان مڪمل سهڪار ڪري رهيو آهي. جنهن جو مثال تازن ٿيندڙ جلسن مان لڳائي سگهجي ٿو. پ پ پ ۽ سنڌ حڪومت به بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويئي آهي.جنهن ڪري جمهوريت جي اصولن کي ڇڏي آمرانه طرز جون ڪارروايون ڪندي وتي. سڄي صورتحال ڪجهه وقت اندر واضح ٿي ويندي. زياده ساٿ سلامت ! سنڌ سلامت  !!.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.