جوهي جي مغوي نينگري عدالت ۾ پيش، جوابدار جي رمانڊ

جوهي ( ن ع آ)  جوهي شھر جي حُسين آباد ڪالوني مان اغوا بعد بازياب ٿيل نينگري سجيلا پنهور کي ٽيون ڀيرو جوهي جي فرسٽ سول جج اينڊ جُڊيشل مئجسٽريٽ عبدالسليم ڪلهوڙو جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي نينگري سجيلا پنهور جو 164 بيان رڪارڊ ڪيو ويو, پنهنجي بيان ۾ نينگري عدالت کي ٻُڌايو ته نور احمد لنڊ اغوا ڪري  قاضي احمد ۾ ترسايو 25 ڏينهن تائين جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو, نينگري موجب جوابدار قاضي احمد مان نوابشاه وٺي ويو ۽ تصويرون ڪڍرايون ۽ مونکي چيو ته تنهنجو  مون سان نڪاح آهي , نينگري موجب مونکي خبر ئي ناهي ته نڪاح ڇا ٿيندو آهي, نينگري جي اهڙي بيان بعد عدالت پاران نينگري کي والد پيار علي حوالي ڪرڻ  جو حُڪم جاري ڪيو ويو آهي, هوڏانهن جوابدار نور محمد لنڊ پاران نينگري سان نڪاح ڪرڻ جي دعوي ڪئي وئي آهي جڏنهن ته عوامي آواز نيوز پاران اهڙو نڪاح نامو پڻ هٿ ڪيو ويو آهي , مگر جوابدار پاران عدالت کي اهڙي نڪاح بابت ڪجهه به ناهي ٻُڌايو ويو نه ئي نڪاح نامي کي منظر عام تي آندو ويو آهي, عدالت پاران جوابدار نور احمد لنڊ کي هڪ ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪرڻ جو حُڪم جاري ڪيو آهي ۽ سندس ڪرونا ٽيسٽ ڪرائڻ بعد کيس سڀاڻي ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حُڪم جاري ڪيو ويو آهي,

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.