جوهي ۾ عورتن جي تذليل ڪرڻ خلاف احتجاج، ساڙڻ جو چتاءٌ

جوهي ( ن ع آ  )  ڪاڇي جي ڳوٺ حاجي خان جي رهواسي عورتن مسمات گڏي , مسمات صنم , مسمات شبيران , امتياز سولنگي , اعجاز , ڌڻي بخش معصوم ٻارڙن سميت گهر ۾ گهڙي عورتن ۽ نارين جي تذليل ڪندڙ جوابدار جي گرفتاري لاء احتجاج ڪيو, ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ عورتن ۽ مردن ميڊيا اڳيان دانهيندي الزام هنيو آھي ته جوابدار محب علي لغاري گذريل رات زبردستي گهر ۾  داخل ٿي عورتن نياڻين جي تذليل ڪري ٿو,  اسان اڳ به کيس پڪڙي حاجي خان پوليس حوالي ڪيو مگر پوليس کانئس پيسا وٺي ڇڏي ڏئي ٿي, عورتن موجب اهڙين ناانصافين بابت ڪافي ڀيرا دانهيو آھي مگر حاجي خان  پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ بجاء اسان کي حراسان ۽ مختلف طريقن سان تنگ ڪري رهي آھي جوابدار با اثر هئڻ ڪري پوليس ان خلاف ڪابه قانوني ڪاروائي ڪرڻ لاء تيار ناهي, ھنن آء جي سنڌ , ايس ايس پي دادو ڊي ايس پي جوهي ۽ ٻين اختيار انساني حقن جي تنظيمن کان پرزور مطالبو ڪيو آھي ته جوابدار کي گرفتار ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪري انصاف ڏياريو وڃي, ٻي صورت ۾ اسان پاڻ مٿان پيٽرول هاري اجتماعي خود ڪشي ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.