غوثپور جا 3 مغوي نه موٽيا، گهرن ۾ روڄ راڙو، مظاهرو

غوثپور۔ ٻھ ڏينھن اڳ دراني مھر جي ڪچي واري علائقي مان اڻ ڄاتل ھٿياربندن ھٿان مبينه طور اغوا ٿي ويل باغڙي برادري جي نوجوانن جي بازيابي لا۽ وارثن جو احتجاجي مظاھرو۔ وڌيڪ تفصيل موجب ٻھ ڏينھن اڳ دراني مھر جي ڪچي واري علائقي ۾ اڻ ڄاتل ھٿياربندن ھٿان مبينه اغوا ٿي  ويل باغڙي برداري جي ٽن ڄڻن  ٻانھون۔ ڪنبيرو ۽ جانو جي بازياب نه ٿيڻ۔ تي سندس وارثن مائي وڌيري۔ مائي لٻاڻي باغڙياڻي۔ مائي منگتي۔ ڪرشن لال۔ جوڳي باغڙي سميت ٻين ڪيترن ئي باغڙي برادري جي ماڻھن مئن انڊس ھا۽ وي ڀرسان سنڌ ڍورو شاخ واري علائقي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو۔ ان موقعي تي مغوين جي ماء ۽ زال روئيندي ٻڌايو ته اسانجي گھر ۾ اٽي جي لپ به ڪونه آھي ته اسان لکين روپيه ڀنگ ڌاڙيلن کي ڪٿان ڏيئي سگھنداسي۔ ھنن چيو ته ٽيئي مغوي روز شھر ۾ سائيڪلن تي ٻارن جا ٿوڪڙا وڪڻي پنھنجو گھر ھلائين ٿا۔ مغوين جي وارثن تر جي ايم پي اي مير عابد سندراڻي ۽ ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ڪيو ته خدارا اسانکي پنھنجا ٻچا ڌاڙيلن کان ڇڏرائي ڏيو ۽ اسانجي مالڪي ڪريو۔ اسانجو ڪوئي الله وائي ناھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.