بٺوري ۽ ڀرپاسي بدامني، چوري ۽ ڦر معمول، رهواسي پريشان

ميرپوربٺورو (ن ع آ) ميرپوربٺورو ۽ آس پاس جي علائقن ۾ چورن ۽ ڦورن رڻ ٻاري ڏنو خاص ڪري چوپائي مال جي چوري جو آزار وڌي ويوڪابه رات خالي ناهي جنهن رات ڪنهن نه ڪنهن ڳوٺ يا شھر مان چوري يا ڦر جي واردات ٿي نه هجي۔ گذريل رات دير سان محمودواه لڳ ڳوٺ عثمان بڪيرو ۾ نامعلوم چور  وزير ولد احمد بڪيرو جي گهر ۾ داخل ٿي سندس ڍڳا چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ڪتن جي ڀونڪڻ تي ڀاڳيا سجاڳ ٿي پيا جنهن تي ڀاڳين هڪلون ڪيون ته چورن ڀاڳين مٿان فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن تي  ڀاڳيا معجزانا طور محفوظ رهيا جڏهن ته  ڳوٺاڻن جي گڏ ٿيڻ تي چور فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا۔. هن کان هڪ رات اڳ به چورن ڳوٺ حاجي لڌو خاصخيلي مان ڪامريڊ مينهن وسايو خاصخيلي جو پاڏو چوري ڪري ڪاهي وڃي رهيا هئا ته ڪاري موري لڳ سم نالي وٽان ڀاڳين ناڪابندي ڪري چوري ٿيل پاڏو چورن کان ڇڏائي ورتو۔ ان کان ڳوٺ مظفر بڪيرو مان ماستر رمضان بڪيرو جو ڇيلو چور ڪاهي ويا۔ ساڳئي ڳوٺ مان پريو بڪيرو جي ٻڪري چور ڪاهي ويا، محمود واه تان ڳوٺ الهجڙيو شيدي مان انور شيدي جا ٻه ڇيلا چور ڪاهي ويا۔ درملوڪ شاھ لڳ سم نالي ڀرسان سيد اشرف شاھ جون ٽي منهنيون چور ڪاهي ويا۔ محمود واه تان هاشم پرهياڙ جو گابو چور ڪاهي ويا۔ بٺورو لڳ اڱاريو ملاح جون ٻه ٻڪريون چور چوري ڪري ويا۔ صحافي قادر خاصخيلي جي ڀاء 1036 ايمبولنس جي ملازم شاهد خاصخيلي کان موٽر سائيڪل،  صحافي شوڪت سومرو جي ڀاء وڪيل شھزاد سومرو کان پڻ موٽر سائيڪل ڦورو ڦر ڪري ويا ٻئي ڏينهن تي شوڪت سومرو جي ڀاء کان ڦر ٿيل موٽر سائيڪل بٺوروپوليس هٿ ڪري ورتي پر ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي۔ جڏهن ته صحافي قادر خاصخيلي جي ڀاء کان ڦر ٿيل موٽر سائيڪل کي هڪ مهينو گذري ويو آھي پر بٺورو پوليس نه موٽر سائيڪل رڪور ڪري سگهي آھي ۽ نه ئي ڦورن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻي سگهي آھي۔ ان کان علاوه ڪافي چوپائي مال جون چوريون ۽ ڦر جون وارداتون ٿيون آھن پر اڃاتائين پوليس هڪ به چور يا ڦورو گرفتار ڪري نه سگهي آھي۔ياد رهي ته چورن ۽ ڦورن رڻ ٻاري ڏنو آھي عوام سخت خوف ۾ ورتل آھي ڀاڳيا راتين جون راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور بنيل آھن۔ ٻئي طرف هتان جي سياسي سماجي اڳواڻن آئي جي سنڌ ، ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي سجاول کان مطالبو ڪيو آھي ته چورن ۽ ڦورن خلاف سگهارو آپريشن ڪرائي ملوث ڏوهارين خلاف سخت کان سخت قانوني ڪاروائي ڪرائي عوام جي عزت جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بنايو وڃي۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.