گورک هل اسٽيشن تي المناڪ حادثو، ذميوار ڪير آهي!؟

سنڌ جي تفريحي ماڳ کورک هل اسٽيشن تي المناڪ واقعي کانپوءِ سڄي سنڌ ۾ ڏک جي لهر پکڙجي وئي آهي، اطلاع  اهي آهن ته  لاڙڪاڻي واسي چئن شهرين جي ويگو گاڏيءَ کي 37 پوائنٽ وٽ حادثو پيش آيو، جنهن جي ڪري گاڏي ڪلٽي ٿي پئي، نتيجي ۾ مختيار ڪار لاڙڪاڻو  سليم الله رند، تپيدار اسلم سيال، ڪوٽوار واحد بخش ککراڻي ۽ ڪوٽوار طارق چانڊيو ٿڏي تي فوت ٿي ويا. واقعي جو اطلاع ملڻ کانپوءِ ڊپٽي ڪمشنر دادو پڻ واقعي واري هنڌ پهتو، زخمين کي واهي پانڌي اسپتال ۾ طبي امداد کانپوءِ دادو منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته فوتين جا مڙههَ کڻڻ لاءِ ايمبولينس نه هجڻ ڪري هوٽل جي ڊاٽسن تي واهي پانڌي اسپتال آندا ويا. گورک هل اسٽيشن تي سير لاءِ ويندڙ ماڻهن سان اڳ به حادثا ٿيندا رهيا آهن، گذريل سال ڏهن جي لڳ ڀڳ حادثا ٿي چڪا آهن جڏهن ته هي يارنهون حادثو ٻڌايو وڃي ٿو.

گورک هل اسٽيشن سنڌ جو هڪ اهڙو تفريحي ماڳ آهي جيڪو هزارين فوٽن جي اوچائي تي آهي جنهن جي چوٽيءَ تي جون جولاءِ جي مند ۾ به ويندڙ سرديءَ جي موسم لڳندي آهي، کورگ هل اسٽيشن تي جڏهن جزوي طور تي ترقي ٿي ته سڀ کان پهريان سنڌ جي اديبن، شاعرن ۽ سول سوسائٽيءَ جي ماڻهن کورگ تي وڃي ادبي ڪچهرين سان گڏوگڏ راڳ رنگ جون محفلون پڻ ڪيون جنهن بعد عام ماڻهن وٽ به اها ڳالهه پهتي ته گورک سنڌ جو هڪ شاندار سياحتي ماڳ آهي، جنهن جي ترقي ٿيڻ بعد شايد کين سير سفر لاءِ ٻاهر نه وڃڻو پئي.

پر اها سنڌ وارن جي بدنصيبي چئبي ته گورک هل اسٽيشن جي هن وقت تائين ترقي ٿي نه سگهي آهي، نالي ماتر هڪ هوٽل آهي جيڪو پڻ سهولتن کان وانجهيل ۽ مهانگو آهي، رستي جي نالي تي اربين روپين جا فنڊ منظُور ٿيڻ بعد به گذريل سالن ۾ رڳو ڏهن کان ٻارنهن فوٽ ويڪرو هڪ اهڙو روڊ جوڙيو ويو جنهن تي رڳو ڏيڍ کان ٻه انچ ڪارپٽ هاريو ويو هو جيڪو پڻ گذريل برساتن ۾ ٽُٽي پيو.

گورک هل اسٽيشن تي جيئن جيئن وقت گذري رهيو آهي سنڌ کان ٻاهر وارن ماڻهن جي پڻ دلچسپي وڌي رهي آهي جيڪي پڻ تفريح لاءِ گورک هل اسٽيشن اچن ٿا، خاص ڪري ڪراچيءَ واسين لاءِ ته گورک هل اسٽيشن هڪ انتهائي شاندار تفريحي ماڳ آهي جيڪو انهن جي در تي آهي پر بدقسمتي اها آهي ته انهن جو به گورک تائين پهچڻ ناممڪن بڻيل آهن، ڄاڻايل حادثي کانپوءِ ته اهي امڪان به گهٽبا پيا وڃن ته ڪو سياحن جي انگ ۾ واڌ ٿيندي.

گورک هل اسٽيشن تي ٿيندڙ هاڻوڪي حادثي پنهنجي طور تي ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏنو آهي، جنهن مان سڀ کان اهم سوال اهو آهي ته گورک هل اسٽيشن اٿارٽيءَ ۽ اربين روپين جي بجيٽ هوندي به هڪ تفريحي ماڳ لاءِ بنيادي گهرجون ۽ رٿائون ڇو نه مڪمل ڪيون ويون آهن، ڇو نه هڪ عالمي معيار جو ريسٽورينٽ جوڙيو ويو آهي، ڇو نه هڪ ڏهن ٻارنهن بسترن جي اسپتال قائم ڪئي وئي آهي، ڇو نه رستي جي مختلف هنڌن تي ايمرجنسيءَ ۾ مدد لاءِ مرڪز قائم ڪيا ويا آهن، ڇو نه پاڻيءَ جي فراهميءَ لاءِ منصوبه جوڙيا ويا آهن، ڇو نه بين الاقوامي معيار جا رستا ۽ پليون جوڙيون ويون آهن ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته آخرڪار گورک هل اٿارٽيءَ بجيٽ هوندي به اهڙن منصوبن تي ڪم ڇو نه ڪري سگهي آهي، جيڪڏهن مٿي ذڪر ڪيل منصوبن مان ڪوبه منصوبو مڪمل نه ٿيو آهي ته پوءِ آخرڪار اهڙي اٿارٽيءَ جو ڪم ۽ ضرورت ڪهڙي ٿي رهي، ۽ اٿارٽيءَ لاءِ مهيا ڪيل بجيٽ آخرڪار ڪهڙن ڪمن لاءِ ڪتب آئي آهي.

اسين سمجهون ٿا ته گورک هل اسٽيشن سنڌ جو هڪ اهڙو ورثو آهي جنهن تي اسان کي بحيثيت قوم جي ناز آهي، جو گورک جبل رڳو جبل نه آهي پر ان جبل سان سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون واڳيل آهن، تنهنڪري اسان وس وارن خاص ڪري سنڌ حڪومت کي اها گذارش ڪنداسين ته گورک هل اسٽيشن کي عالمي معيارن موجب ترقي ڏيارڻ لاءِ هڪ ماسٽر پلان جوڙيو وڃي، هل اسٽيشن تي اهي سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن جيڪي ڪنهن بين الاقوامي هل اسٽيشن تي موجود هونديون آهن، جڏهن ته مذڪوره حادثي جي اڻڌري جاچ ڪرائي انهيءَ سبب جو تعين ڪيو وڃي ته آخرڪار اهڙا حادثا ڇو ٿا پيش اچن ۽ انهن جو ذميوار ڪير آهي، ان کان سواءِ ڄاڻايل حادثي جي متاثرن جي هر طرح جي طبي امداد يقيني بڻائي وڃي.

اسان هن موقعي تي سنڌ حڪومت کان اهو مطالبو پڻ ڪنداسين ته گورک هل اسٽيشن اٿارٽيءَ جي ڪارڪردگيءَ جو جائزو وٺي ان اٿارٽيءَ کي نئين سر جوڙي ڪنهن اهڙي ذميوار شخص کي اٿارٽيءَ جو چيئرمين مقرر ڪيو وڃي جيڪو سياحت جي معاملن کان واقف هُجي، اهڙين اٿارٽين لاءِ سياسي سفارشن ۽ سياسي پسمنظر رکندڙ ماڻهن کي اٿارٽيءَ جو چيئرمين مقرر ڪرڻ ڪنهن به طور تي اٿارٽيءَ سان انصاف نه چئبو.

هن موقعي تي اسان سنڌ حڪومت کان اها به پرزور نموني گهر ڪنداسين ته ماضيءَ ۾ ميڊيا ۾ اهڙيون خبرون به اينديون رهيون آهن جن موجب گورک هل اسٽيشن جي ڪيترائي ايڪڙ زمين غيرمقامي ۽ غيرصوبائي ماڻهن کي ليز ڪري ڏني وئي آهي، جنهن تي سول سوسائٽيءَ پڻ رد عمل جو اظهار ڪيو هو ۽ ڪندي رهي ٿي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جا اهڙا ماڳ ۽ مڪان جيڪي تهذيبي حيثيت رکن ٿا انهن کي ڪنهن به طور تي، ڪنهن جي به مداخلت ٿيڻ کان محفوظ رکيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.