بيروزگاري کان بي خبر حاڪم !

تحرير؛شوڪت علي جلباڻي

ملڪ ۾ هاڻي بيروزگارن جو تعداد هزارين پر هاڻ ڪروڙن ۾ ٻڌايو پيو وڃي ، جٿي نوڪرين مان ڪڍڻ جو سلسلو هلي رهيو آهي اتي پياري ملڪ ۾ ميرٽ جي لتاڙ ڪري سياسي بنيادن تي ملازمن کي ڀرتي ڪرڻ جي روايت ڪا نئين ناهي،پوءِ ملڪ ۾ حاڪميت ڪنهن آمر جي هجي يا کڻي نالي ماتر جهموريت جي،جنهن کي به اقتدار مليو آهي انهن پنهنجا نواز پاليسي اختيار ڪئي آهي.

وفاق ۾ موجود تحريڪ انصاف جا  حڪمران اقتدار ۾ اچڻ کان پهرئين 1ڪروڙ نوڪرين جا نوجوانن کي آسرا ڏنا، سڄي  قوم جيان وزيراعظم عمران نوجوانن کي به نه گهمٻرائڻ جا مشورا ٻه سال ڏيندو رهيو نيٺ وزيراعظم عمران خان کي چوڻُو پيو ته نوڪريون ڏيڻ حڪومت جو ڪم ئي ناهي هوندو،  ۽ آخر ڪار گمٻرائڻ جو وقت هزارين ملازمت تي آڻي انهن جي برطرفي جو سلسلو جاري آهي، ملازمن کي گهر ڀيڙو ڪرڻ واري رسم نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي وارا به نڀائي چڪا آهن ، جيڪر پيپلزپارٽي انفرادي طور تي پنهنجن حريفن کي برطرف ڪندي رهندي هئي  پر اجتماعي طور تي هزارين ملازمن کي فارغ ڪرڻ جو ڪم هميشه مسلم ليگ ادا ڪندي رهندي هئي هاڻ ملڪ ۾ انهي رسم نڀائڻ لاءِ هڪ ٻئي سياسي جماعت تحريڪ انصاف جو اضافو ٿي چڪو آهي.

جڏهن وفاقي حڪومت کان ڪارڪردگي ۽ روزگار جو سوال ڪريو ته اهي سڀ کان پهرئين پوئين حڪومتن تي ماتم ڪرڻ کانپوءِ  پنهنجن ڪارنامن ۾ تعميراتي شعبي جي ترقي ۽ صنعت جي ڳالهه ڪندا آهن ، وزيراعظم عمران خان عوام کي تعميراتي شعبي کي ملڪ جي سڀ کان وڏي صنعت بنائڻ ۽ ماڻهن کي روزگار ڏيڻ جي لاءِ ، تعميراتي شعبي ۾ ريليف پيڪيج ڏنو هو تنهن باوجود تمعيراتي شعبي ۾ رليف جي باوجود سريي ، سيمينٽ ۽ ٻئي تعميراتي مٽيريل 50 کان 70 سيڪڙو تائين مهانگا ٿي ويا آهن . حڪومتي وزير تنهن باوجود نوجوانن کي روزگار ملڻ جو ذريعو به انهي شعبي ۾ ڏيکارين ٿا،عوام کي سستن گهرن جا خواب ملڪ جي بينڪن جي ڳرين شرطن کي ڏسي ٿڌا ٿيو وڃن اقتدار ۾ سڀ کان پهرئين دوستن ۽ احبابن جي شراڪت داري لازمي هوندي آهي،انهي ڪري تعميراتي شعبي جي وزارت پڻ  هڪ دوست اهڙي دوست کي  ڏني ويئي آهي جنهن جي ذاتي مفادن جو پڻ ٽڪراءِ ٿئي ٿو پر مناسب ماڻهون مناسب عهدي جون ڳالهيون صرف چونڊن کان پهرئين ڪبيون آهن . رهي ڳالهه صنعت جي ڪاميابين جي پوئين ڪالمن به ذڪر ڪري چڪو آهيان ته اهو فقط افسانو آهي جيڪڏهن ملڪي صنعتون ترقي ڪري ته اهي ڊفالٽ نه ٿين ها نه ئي امپورٽ وڌي وڃي ها. جڏهن مالي سال 2021 ۽ 2022 جوبجيٽ پيش ڪيو ويو هو مون پنهنجن اڪثر ڪالمن ۾ ذڪر ڪيو هو هي بجيٽ انگن اکرن کي مينيج ڪري ٺاهيو ويو آهي جيڪو ڪجهه ڏينهن ۾ پنهنجا اثر ڇڏڻ لڳندو، ٿيو به ائين معاشي انڊيڪيٽرس جيڪي سڀ بهتري جا اشارا ڏيئي رهيا هئا تن به وزيراعظم عمران خان جيان  يوٽرن،  ٽن مهينن جي اندر ئي وٺڻ شروع ڪيو  آهي.

پهرئين ادارا ماڻهن جي روزگار ۽ جان مال جي حفاظت جو نالي ماتر ئي صحيح پر ڪم ڪندا هئا،ملڪي ادارن مان 14 هزار کان وڌيڪ هڪ ڌڪ ۾ ملازمن کي نوڪري مان ڪڍڻ جو ڪارنامو ٿي چڪو آهي اهو به انهي معاملي ۾ اٽارني جنرل کي ٻڌڻ جي سواءِ،  يا کڻي ائين چئجي ته رياست کي انهن ملازمن جي چلهه ٻرڻ ۾ ڪا دلچسپي ئي نه هئي ان ڪري حڪومتي نمائندي اٽارني جنرل به هن وقت تائين ڪو بيان جاري ناهي ڪيو. اسٽيل ملز کان وٺي اسٽيٽ لائف انشورنس ڪمپني مان ملازمن کي ڪٿي ايڊجست ڪرڻ بدران انهن کي گهر ڀيڙو ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي،

پيپلزپارٽي لاءِ انهن ملازمن کي جيڪي 2010 ۾ بحال ٿيا هئا انهن جي قانوني مدد ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪي آهي پر  سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت آهي، جنهن جي سياسي مداخلت ۽ پنهنجا نواز پاليسي جي ڪري اڄ سنڌ جو سول سروس ڪميشن جو اداري کي تالا لڳي چڪا آهن، سنڌ ۾ پوليس جي ڀرتي کان وٺي استادن جي ڀرتي تائين پيپلزپارٽي پنهنجي سياست کي چمڪائڻ جو ڪو موقعو خالي ناهي ڇڏيو،گذريل 13 سالن ۾ سنڌ حڪومت استادن جي ڀرتي ٽي دفعا ڪئي آهي جنهن ۾ انهن نوڪري اشتهارن کان ڀرتي ٿيڻ جو عمل 3 کان 4 سالن جي ڊگهي عرصي تائين هلندو رهي ٿو، ٿرڊ پارٽي جي باوجود سياسي ماڻهن جو مختلف کاتن ۾ ڀرتي  ڪرائي وڃڻ جو هنر به سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارٽي ڪمال جو رکي ٿي پوءِ اهو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن هجي ڪنهن اسپتال ۾ چوڪيدار جي ڀرتي ڪرڻي هجي.

جتي اهليت وارا نوجوان خودڪشين ڪرڻ تي مجبور آهن اتي اسان جي حاڪمن مختلف ادارن ۾ پنهنجا پنهنجا ڪمدرا به ڀرتي ڪري ڇڏيا آهن ۽ وقت اچڻ تي اهي پنهنجن سياسي آقائن جي ونگار وهي ادارن کي اڏوهي وانگر کوکلو ڪندا رهن ٿا، ظاهري ڳالهه آهي ته انهن ادارن ۾ جيڪڏهن ميرٽ هلندو ۽ اهليت جي بنيادن تي ڀرتيون ٿينديون ته حاڪم پنهنجا جائز ۽ ناجائز ڪم ڪيئن ڪرائي سگهندا؟ اهو ئي سبب آهي ته شايد سنڌ ۾ به برسر اقتدار حاڪمن کي بي روزگاري نظر نه ٿي اچي، جتي پيپلزپارٽي جو چيئرمين گلگت بلتستان،آزاد ڪشمير ۽ پنجاب ۾ ضمني چونڊن جي دوران اهي نعرا هڻائيندو آهي ته پيپلزپارٽي اقتدار ۾ ايندي آهي ته ماڻهن کي روزگار مهيا ڪندي آهي،  پر سوال اهو به اهي ته سنڌ جي حڪومت 13 سالن کان اوهان وٽ آهي، اوهان ڪيترا هزار ملازم ڀرتي ڪيا آهن ۽ جيڪڏهن ڪيا آهن ته انهن وزيراعليٰ  هائوس کان وٺي سنڌ اسيمبلي جي اڳيان پگهارن، الوئونسن ۽ مستقل ٿيڻ لاءِ ڪيترن پوليس جي مٿي ڦاڙ ڏنڊن وارن امتحانن مان گذرڻو پوي ٿو، سوال ڪجي ته آخر ڪهڙن حڪمرانن سان ڪجي گذريل مهيني ۾ڪنڊياري جي نوجوان پنهنجو پاڻ کي بيروزگاري کان تنگ اچي موت جي گهاٽ تي چاڙهڻ وارين خبرن کان وٺي شهر شهر ۾ وبا جي نالي تي جيڪا بي روزگاري سنڌ جي حڪمرانن ونڊي آهي آخر انهي جو تدارڪ جو سوال ڪنهن سان ڪجي، وفاق وارا حاڪم ته اوهان جي بقول ته هن اقتدار جي پوءِ ملڪ ۾  نه رهندا پر اوهان ته گذريل 50 سالن کان ملڪ ۾ سياست ڪندا ۽  عوام جي حالت زار ڏسندا رهيا آهيو،

آءِ بي ڪراچي جي هڪ رپورٽ موجب صرف 2015 /2016  جي هائوس هولڊ انٽيگريٽِڊ اڪانومي سروي کي بنياد بنياد بڻائي ڪرونا جي ڏينھن ۾ ٿيندڙ بي روزگاري ۽ غربت جا جيڪي انگ اکر ڏنا آهن انھن موجب ملڪ ۾ بلوچستان کان پوءِ سنڌ  صوبو  غربت توڙي بي روزگاري ۾ ٻئين نمبر آهي، پيپلزپارٽي جي قيادت کي ملڪ جي ٻين صوبن ۾ وڃڻ وقت،وڌندڙ بيروزگاري ته نظر اچي وڃي ٿي پر جڏهن  اهي سنڌ ۾ داخل ٿين ٿا ته انهن کي شايد بنجر زمينن جي باوجود هر شخص باروزگار ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رقم جي ڪري عوام امير نظر اچي ٿو ،اھا اوھان جي مقابلي چئيجي يا سياست جا رنگ جو صوبي ۾  خالي پيل جاين تي ڀرتي ڪرڻ جي عدالتون اوهان کي گهرائي لاءِ پابند ڪن ٿيون  ته ادارن ۾ خالي جاين کي پر ڪيو وڃي تنھن باوجود اوهان معاملن کي سالن تائين اينگائي ميرٽ تي ڀرتي ڪرڻ جي نالي سخت گير شرطون رکي پرک کان پهرئين اهل ۽ نااهل جي تلوار بيروزگارن تي ٽنگي ٿا ڇڏيو،جيئن گذريل 13 سالن ۾ تعليمي ادارن ۾ ڀرتي ڪرڻ جي هر دفعي نيون نيون پاليسيون جوڙي ڪيو ويو آھي. وزيراعلي سنڌ توڙي  پيلزپارٽي جي قيادت کي پڻ سوچڻ گهرجي ته آخر ڪيسيتائين اوهان ماڻهن کي صرف جذباتي تقريرن ۽ ذاتي مفادن تحت سمجهوتا ڪرائي اقتدار حاصل ڪندا رهندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.