پاڪستان جو عدالتي بحران

تحرير؛امداد سولنگي

پاڪستان جي اٽارني جنرل پڪ ڏياري آھي ته سنڌ جي چيف جسٽس تي آئين  جو آرٽيڪل 206 لاڳو نٿو ٿئي ان ڪري  سپريم ڪورٽ جي عارضي جج طور قسم کڻڻ کان انڪار ھن جي چيف  جسٽس جي عھدو کي قطعي متاثر نه ڪندو ۽ ھو بدستور چيف جسٽس جي عھدي تي قائم رھندو. اٽارني جنرل صاحب ان حوالي سان جيڪا راءِ ڏني ان جو ڳر ھي ھيو:

The Hon’ble CJ SHC Mr Ahmed M Shaikh  would still remain a high court judge and therefore a chief justice.

Khalid Ahmed Jawed

Attorney General for Pakistan.

اٽارني جنرل جئين ته فيڊريشن جو چيف وڪيل آھي تنھنڪري سندس بيان تمام وڏي اھميت رکي ٿو.جنھن کي صدر مملڪت آئين جي آرٽيڪل 100 تحت مقرر ڪندو آھي.ساڳي وقت سپريم ڪورٽ جي جج کي مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن به سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي صلاح سان ۽ آئين جي آرٽيڪل 175A جي تحت صدرمملڪت جاري ڪندو آھي.ان ڪري اھو محسوس ٿئي ٿو ته پاڪستان بار ڪائونسل ۽ سنڌ بار ڪائونسل جي وڪيلن جو سخت موقف اچڻ کان پوءِ صدر مملڪت فيڊريشن جي ساک برقرار رکڻ لاءِ اٽارني جنرل کان اھو بيان ڏياريو آھي.جڏهن ته  سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ ته نئين سنڌ جي چيف جسٽس محترم عرفان سعادت يار جي  قسم کڻڻ جي تقريب جو انتظام به ٿي چڪو ھو.ڏٺو وڃي ته ھي جيڪو به گهوٽالو پيدا ٿيو آھي تنھن ۾ سپريم جڊيشل ڪميشن کي آجو قرار  نٿو ڏئي سگھجي.ڇو ته آئين جي آرٽيڪل 175A ۾ جيڪا 18 ترميم جي ڪري تبديلي آندي وئي ان تبديلي کان پوءِ جڊيشل ڪميشن ئي حتمي  ادارو آھي جيڪو ججن جي مقرري جا معاملا طئي ڪندو آھي.چيف جسٽس آف پاڪستان جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جو چيئرمين آھي.جڏھن ته ڪي به چار سپريم ڪورٽ جا سينئر ترين جج ان جا ميمبر آھن.ساڳي وقت  سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس يا اڳواڻي سينئر جج سپريم ڪورٽ کي چيئرمين جڊيشل ڪميشن چئن سٽنگ ججن/ڪميشن جي ميمبرن جي صلاح سان واڌو ميمبر طور مقرر ڪندي آھي.ان سان گڏ وفاقي وزير قانون،اٽارني جنرل آف پاڪستان ۽ پاڪستان بار ڪائونسل جي صلاح تي سپريم ڪورٽ جو سينئر وڪيل پڻ ميمبر ڪري کنيا ويندا آھن.پر جڊيشل ڪميشن ۾ پلڙو وري به ان جي چيئرمين ۽ چئين سپريم ڪورٽ جي سينئر ججن جيڪي ان ۾ ميمبر طور ايڪٽ ڪن ٿا تن  جو  ڀاري رھي ٿو.ان ڪري آئين جي آرٽيڪل 175 ۾ جيڪو A جو اضافو ڪيو ويو سو به نالي ماتر محسوس ٿئي ٿو.سڄاڻ ڌريون سپريم جڊيشل ڪميشن جي مجموعي رويي تي به سوال اٿاري رھيون آھن.انھن جو چوڻ آھي ته سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ بقايا ميمبرن جي راءِ کي نظر انداز ڪيو وڃي ٿو.

سپريم جڊيشل ڪميشن جناب احمد علي شيخ صاحب کي سپريم ڪورٽ ۾  مستقل جج نه مقرر ڪرڻ واري عمل ڪرڻ وقت پنھنجي الجھاد ٽرسٽ ڪيس ۾ ڏنل فيصلي کي به نظر انداز ڪرڻ ۾ نه ڪيٻايو.الجھاد ڪيس ۾ ججن جي مقررين جي حوالي سان واضح چيو ويو ھو ته: No ad hoc judge can be appointed to the Supreme Court while permanent vacancies exist. پارلياماني ڪاميٽي  ۾ سنڌ جي چيف جسٽس جي ڪيس جي صحيح نمائندگي نه ڪرڻ تي پاڪستان پپلز پارٽي جي سياسي ساک تي به سوال اٿي رھيا آھن.فاروق ايڇ نائيڪ صاحب جي حوالي کان سڄاڻ ڌرين کي وڏا اعتراض آھن.

ملڪ جي سينئر قانون دانن علي ظفر، حامد خان،عرفان قادر،۽ سنڌ ھاء ڪورٽ بار ڪراچي جي صدر صلاح الدين احمد جو پڻ سخت موقف آيل آھي. سندن چوڻ آھي ته جڊيشل ڪميشن جي چيئرمين جي خلاف اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ ذاتي پسند ۽ ناپسند جي بنياد تي آئين جي غلط تشريح ڪڻ  تي ريفرنس داخل ٿيڻ گھرجي

خبر ناھي ته ڇا ٿيڻ وڃي پيو پر جيڪو ڪجهھ احمد علي ايم شيخ صاحب جي معاملي ۾ ڪيو ويو آھي سو عمل آئين جي آرٽيڪل  189 جي روشني ۾ ڏسجي ته   سپريم ڪورٽ جي الجھاد ٽرسٽ واري  ڪيل تاريخ ساز فيصلي روح جي پڻ خلاف آھي. ڇو ته آئين جو آرٽيڪل 189  رياست جي فردن ۽ ادارن کي پابند ڪري ٿو ته اھي بنا دير سپريم ڪورٽ جي فيصلن جي پاپندي ڪن ٻي صورت ۾   سپريم ڪورٽ جي  فيصلن کي نه مڃيندڙ فرد يان ادارا پاڻمرادو  توھين عدالت جي سنگين ڏوھ جي زد ۾ اچي وڃن ٿا!

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.