مقصودي رند ڀرسان نينگري کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش

مقصودو رند (ن ع آ ) لنڊو شريف ۾ نامعلوم  شخص پاران نينگري کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش نينگري جي رڙين تي جوابدار ريلوي ٽريڪ ڀرسان نينگري کي ٻوري ۾ بند ڪري ڇڏي فرار پوليس پاران واقعي کان لاتعلقي خبر موجب مقصودو رند ويجھو لنڊو ٿاڻي جي حد ۾ لنڊو شھر ۾ نامعلوم شخص پاران 12 ساله نينگري بختاور لاشاري ڌي رمضان لاشاري کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ان حوالي سان نينگري بختاور لاشاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آءُ ٻاھر شي وٺڻ لاءِ ويس ته ھڪ ٻٽ ٻڌل نامعلوم شخص مون سڏ ڪيو ۽ مون کي ريلوي ٽريڪ طرف وٺي ويو جتي ھن مون کي چاڪو ڏيکاريو ۽ چيو ته چپ ڪري مون سان گڏ ھل نه ته چاڪو سان ڳلو ڪپيندس جنھن تي مون رڙيون ڪيون ۽ ماڻھن ۽ پوليس جي اچڻ تي مون ڇڏي ٻوري ۾ وجهي ڇڏي فرار ٿي ويو نينگري جي والد رمضان لاشاري چيو ته آءُ غريب مسڪين مزدور آھيان منھنجي ڪنھن سان به دشمني نه آھي گذريل ڪافي عرصي کان ھتي لنڊو شھر ۾ رھان پيو ۽ ھوٽل تي مزوري ڪندو آھيان ھن واقعي بعد منھنجي نينگري خوف ۾ ورتل آھي ۽ واقعي جو اطلاع  پوليس کي ڏنو آھي ٻي طرف پوليس سان رابطي ڪرڻ تي پوليس واقعي بابت لاتعلقي جو اظهار ڪيو آهي جڏھن ته  اھڙي واقعي بعد لنڊو شھر ۾ خوف ۽ حراس ڇائجي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.