اين آءِ سي وي ڊي ۾ ڪنسلٽنٽ مقرري بابت ڊاڪٽر نديم قمر عدالت طلب

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پهنور ۽ جسٽس عدنان ڪريم ميمڻ تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ  اين آءِ اي سي  وي ڊي ۾ مينجمنٽ ڪنسلٽنٽ جي مقرري جي خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي عدالت ۾ اين آءِ وي سي ڊي جي وڪيل ٻڌايو ته ڪنسلٽنٽ جي 3 مهينن جو ڪانٽريڪٽ ختم ٿي ويو آهي حيدر اعواڻ جو ٻيهر مقرري نه ڪئي وئي آهي .جنهن تي درخواستگذار جي وڪيل چيو ته حيدر اعواڻ کي ميرٽ بنا ڀرتي ڪيو ويو آهي .5 کان 20 لک رپيا پگهار جاري ڪئي وئي آهي .عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته اسپتال کي حڪومت پاران ڪيترو فنڊملندو آهي .ان جا تفصيل پيش ڪيا وڃن .عدالت چئيرمين اين آءِ وي سي ڊي ڊاڪٽر نديم قمر کي ذاتي حيثيت ۾ گهرائي ورتو آهي .جڏهن ته بئنڪ اڪائونٽس جا به تفصيل گهري ورتا آهن . 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.