پي ايس او مان برطرفين خلاف ڪراچي ۾ احتجاج

ڪراچي(رپورٽر) پي ايس او ايڪشن ڪميٽي پاران سپريم ڪورٽ جي حڪم تي هزارين ملازمن کي نوڪري مان برطرف ڪرڻ خلاف گذريل ڏينهن ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو، احتجاج ۾ علي گوهر،ارشد ۽ ٻين چيو ته وفاقي حڪومت پاران 72 کاتن مان 16 هزار ملازم ڪڍيو ويو آهي، هڪ ڀيرو ٻيهر ملازمن کي بيقصور نوڪرين تان فارغ ڪيو ويو آهي،هنن چيو ته وفاقي ادارن مان 16000 هزار ملازمن کي برطرف ڪري انهن جي خاندانن کي فاقا ڪشي تي مجبور ڪيو آھي ھنن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان حڪومت پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته برطرف ملازمن سميت ٻين کاتن جي ملازمن کي بحال ڪري کين بيروزگار ڪرڻ کان بچايو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.