لاڙڪاڻي ۾ همراهه جو تشدد ٿيل لاش هٿ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي جي قبرستان مان 40 ورهين جي همراهه جو تشدد ٿيل لاش هٿ، قتل جو ڪيس ٽن جوابدارن مٿان داخل، وارثن موجب همراهه کي سڱاوتي تڪرار تان قتل ڪيو ويو آهي، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي شهر جي حيدري ٿاڻي جي حد شاهه بهارو ڪالوني قبرستان مان گذريل سومر رات دير سان همراهه جو تشدد ٿيل لاش هٿ آيو هو جنهن جي سڃاڻپ يار محمد ڪالوني واسي 40 سالن جي محمد قاسم پٽ آندل مغيري طور ڪئي وئي، جنهن تي پوليس لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو هو. ڪالهه اهڙي قتل جو ڪيس مقتول جي وارثن پاران حد جي حيدري ٿاڻي تي ٽن جوابدارن مٿان داخل ڪرايو ويو جنهن ۾ وارثن موقف اختيار ڪيو آهي ته سڱاوتي تڪرار تان محمد قاسم مغيري کي قتل ڪيو آهي. ان حوالي سان حيدري ٿاڻي جي ايس ايڇ او عبدالغفور ڇٽو رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته وارثن پاران قتل جو ڪارڻ سڱاوتي تڪرار ڄاڻائي ٽن جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪرايو آهي. هن ٻڌايو ته اهڙو ڪيس داخل ڪرڻ واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا آهيون تمام جلد ڪيس ۾ جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.