افغانين جي آبادڪاري، سنڌي ملازمن جي برطرفين خلاف قومي عوامي تحريڪ جا مظاهرا

ڪراچي(نمائندا)  افغانين جي آبادڪاري خلاف ۽ غير قانوني پرڏيھين جي نيڪالي لاءِ، پاڻي تي ڌاڙي، سئي گئس ۽ ٻين وفاقي کاتن جي نوڪرين مان 16000ھزار سنڌي ملازمن جي برطرفين ۽ زمينن تي قبضن خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شھرن ۾ ڪالھ ڇھين ڏينھن به احتجاجي مظاھرا ۽ ريليون ڪڍي احتجاج ڪيو ويوڄام صاحب ۾ مير منگي، ابراھيم بگٽي، علي خان مري ڳڙھي خيرو ۾ جبار سنڌي خيرپور ناٿن شاھ ۾ سرمد گاڏھي، منور علي جتوئي، محمد يعقوب پنھور، پاويل جوڻيجو، گولاڙچي ۾ عابد علي چانڊيو، گيانچند مھيشوري، پير فراز شاھ، اصغر نوتڪاڻي، بچل احمداڻي، يوسف لاشاري، زين العابدين شاھ، ناز مٺو مل، رميش ڪمار، ٻين سوين ڪارڪنن جي ريلي ڪڍي شھيد فاضل راھو چوڪ وٽ مظاھرو ڪيو،  ان موقعي تي مرڪزي سينئر نائب  صدر ايڊووڪيٽ منور علي جتوئي خطاب ڪندي چيو ته افغاني آڻي سنڌ جو امن تباھ ڪرڻ ۽ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، سنڌ جو عوام اھا سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندو، وفاق پاران جيڪي ملازم برطرف ڪيا ويا آھن اھي بحال ڪيا وڃن ۽ سنڌ جي زمينن ۽ ڳوٺن تان قبضا ختم ڪيا وڃن، پاڻي تي ڌاڙي، پاڻي جي چوري ۽ کوٽ ختم ڪري شاخن جي پڇڙ تائين پاڻي پھچايو وڃي، يعقوب پنھور چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ جون زمينون تين وال ڪري بلڊر مافيا جي سرپرستي ڪري رھي آھي، ٻئي طرف قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو ته ملڪ ۾ جيڪو به غير قانوني پرڏيھي اچي ٿو ان جي آخري منزل ڪراچي آھي، جنھن سان سنڌي ماڻھو اقليت ۾ تبديل ٿي رھيا آھن، هن چيو ته عمران خان ۽ فروغ نسيم ۽ ٻين 16 ھزار ماڻھو ھڪ ڌڪ سان ڪڍي ڇڏيا  آھن، سنڌ جي زمينن تي حڪومت جي سرپرستي ۾ بلڊر مافيا قبضا ڪري رھي آھيجيڪڏھن لکين افغانين کي نه روڪيو ويو ته اھي سڄي ڊيموگرافي تبديل ڪري ڇڏيندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.