ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ روڊ حادثن ۾ 2 ڄڻا فوت، ھڪ زخمي

ڪراچي ( رپورٽر )  ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ روڊ حادثن ۾ 2 ڄڻا فوت ھڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. سائيٽ ايريا جي علائقي جامع بنوريا مدرسي جي ڀرسان نامعلوم گاڏي جي ٽڪر ۾ 45 ورھين جو صاحب ڏنو فوت ٿي ويو ۽ 40 سالن جو نواب رحيم زخمي ٿي پيو جن کي عباسي شھيد اسپتال منتقل ڪيو ويو . ڀينس ڪالوني موڙ ڀرسان نيشنل ھاءِ وي تي عبدالله ڳوٺ لڳ تيز رفتار گاڏي جي ٽڪر ۾ 30 سالن جو نامعلوم نوجوان فوت ٿي ويو. لاش ڪارروائي جي لاء جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.