سنڌ ڌارين جو ٺيڪو ناهي کنيو، حڪومت بحريا ٽائون کي ڀڳڙن مٺ زمين ڏني: راشد محمود سومرو

نئون ديرو (رپورٽ: ارشادعلي ميراڻي ) جمعيت علماء اسلام فضل (ف) پاران نئون ديرو ۾ تربيتي ڪنوينشن ڪوٺايو ويو جنهن ۾ شهر جي سياسي، سماجي، علمي، ادبي تنظيمن جي اڳواڻن سميت جماعت جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، تربيتي ڪنوينشن جي خاص مهمان جي يو آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد محمود سومرو، مولانا ناصر محمود سومرو، محبت علي کهڙو، محفوط رحمان سومرو، حافظ مشتاق احمد ڪوريجو، حافظ جميل جروار، خالد حسين ڪوريجو، عبدالقدوس پنهور ۽ ٻين شرڪت ڪئي جڏهن ته تقريب ۾ شهري ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن غلام حيدر ناريجو، جاويد ڀٽو، مشتاق ڪنڀر، سليم چنه، صاحب خان شيخ،  ۽ ٻين پڻ خصوصي طور شرڪت ڪئي، مولانا راشد محمود سومرو خطاب ڪندي چيو ته اسلامي نظام بابت اوهان کي غلط رخ پيش ڪيو ويو آهي ته ملان ايندا ته اوهانکي زبردستي ڏاڙهيون رکرائي، پٽڪا پارائي ۽ ڦٽڪا هڻي دين نافظ ڪرائيندا، اسلامي نظام اهو آهي ته درياءَ جي ڪناري تي ڪو ڪتو به بک تي مري ته به اسلامي حڪومت جو سربراهه ذميوار هوندو آهي هن چيو ته  منهنجو زرداريءَ سان ڪوئي ذاتي يا ملڪيت جو جهيڙو ناهي، زرداريءَ سان جهيڙو آ ته سنڌ جو آ سنڌ جي حقن جو آ، غريبن، مسڪينن، هارين ۽ مزدورن جي حقن جو آ، مان سمجهان ٿو ته زرداري سنڌ کي لٽي رهيو آهي، جيستائين منهنجي سسيءَ ۾ ساهه آ مان سٻاجهڙي سنڌ تي ڪنهن کي ڌاڙا هڻڻ نه ڏيندس، هن چيو ته  سنڌ ۾ روزانو هڪ ارب روپئي جي ڪرپشن ٿي رهي آهي، هن چيو ته سنڌ حڪومت سنڌ جي سرڪاري زمين ملڪ رياض کي هڪ روپئي ۾ هڪ اسڪوائر فوٽ وڪرو ڪئي ۽ ملڪ رياض وري ساڳئي زمين 10 هزار روپين ۾ هڪ اسڪوائر فوٽ وڪرو ڪري رهيو آهي، هن بلاول ڀٽو زرداريءَ کي مخاطب ٿيندي چيو ته تون ڪهڙي منهن سان محترمه بينظير ڀٽو جي خون جو ڪيس وڙهڻ جي ڳالهه ٿو ڪرين، ڇا تون هڪ ڀيرو به شهيد امڙ جي خون جو ڪيس وڙهڻ لاءِ عدالت ويو آهين؟ هن چيو ته اڄ سنڌ سياسي يتيم خانو بڻجي چڪي آهي، هر ايرو غيرو نٿو کيرو سنڌ ۾ آ، پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي وارا ڏنڊو کنيون بيٺا آهن ۽ سنڌ جا حڪمران اقتدار کي وڌائڻ لاءِ افغاني پناهگيرن کي سنڌ ۾ آباد ڪري رهيا آهن ۽ جيتري تيزي سان غير ملڪي هتي آباد ڪيا پيا وڃن ته ايندڙ 5 سالن بعد اسان سنڌي اقليت ۾ تبديل ٿي وينداسين، سنڌ ڌارين جو ٺيڪو ناهي کنيو، سنڌ سياسي پناهگيرن لاءِ آماجگاهه ناهي، سنڌ سنڌين جي آهي ۽ هميشه رهندي سنڌ تي ڪنهن کي قبضي ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، ايم پي اي معظم عباسي خطاب ڪندي چيو ته قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو پيپلز پارٽي کي عوامي پارٽي ڪري هلايو ۽ عوام جي خدمت ڪئي، هاڻي هتي منشين جا منشي سياست هلائي رهيا آهن، امن امان جي حالت تمام گهڻي خراب ٿي وئي آهي آبپاشي کاتي جون آفيسون آفيسر نه پر ٺيڪيدار ٿا هلائين، تعليم، صحت سميت ٻيا مختلف کاتن ۾ به ٺيڪيداري سسٽم هلي رهيو آهي، محبت علي کهڙو چيو ته سنڌ ۾ سوداگرن جي حڪومت آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.