احمد مسعود طالبان خلاف ملڪ گير بغاوت جي اپيل ڪري چڏي

ڪابل (م ڊ) افغانستان جي پنج شير وادي ۾ طالبان خلاف بغاوت جو اعلان ڪندڙ احمد مسعود طالبان لاءِ ملڪ گير بغاوت جي اپيل ڪري ڇڏي آهي، احمد مسعود موجب ته مقامي عالمن جي چوڻ تي جنگ روڪي هئي، طالبان اهڙي فيصلي جي جي خلاف ورزي ڪئي آهي.  احمد مسعود جو وڌيڪ چوڻ آهي ته مزاحمتي فوج پنج شير ۾ طالبان خلاف وڙهي پئي ملڪ جو عوام بغاوت شروع ڪري. احمد مسعود موجب آچر ڏهاڙي طالبان سان ويڙهه دوارن سندس خاندان جا ڪي فرد مارجي ويا آهن. تنهن هوندي به هن پنج شير وادي تي مڪمل قبضي کي رد ڪندي دعويٰ ڪئي آهي مزاحمتڪار وڙهن پيا. هن چيو ته جيڪي به طالبان سان گڏ آهن انهن کي خبر هجڻ گهرجي  ته سندس مستقبل ڪهڙو هوندو. احمد مسعود چيو آهي ته تاريخ پنهنجا فيصلا پاڻ ڪندي آهي..

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.