حڪومت وقت کان اڳ چونڊون چاهي ٿي: سراج الحق

لاهور(پ ر) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق واضح ڪيو آهي ته چونڊن کي هاءِ جيڪ ڪرڻ ، عوام کي فيصلا ڪرڻ کان محروم رکڻ يا عوام جي فيصلن کي تسليم نه ڪرڻ اهڙيون حڪمت عمليون آهن جيڪي ماضي ۾ ملڪ جي تباهي ۽  تقسيم ڪرڻ جو سبب بڻيون ۽ ڪيترن ئي سانحن جو سبب بڻيل آهن ملڪ جون ٽي وڏيون پارٽيون اندر کان هڪ آهن،سراج الحق ڪئپٽن حافظ ڪاشان علي شهيد جي رهائشگاهه تي ان جي والد لياقت علي نويد ، ماءُ ۽ خاندان جي ٻين ميمبرن سان ملڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت هر ميدان ۾ ناڪامي تي وقت کان اڳ چونڊون چاهي ٿي، پر کين ڪو سياسي شهيد جو تمغو نه ڏيندو، عمران خان سياسي تاريخ جو ناڪام ترين سياستدان آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.