جمهوريت ۾ پاڪستان جي بقا، مذهب، لسانيت جي بنياد تي رياست بليڪ ميل نه ٿيندي: آرمي چيف

ڪراچي/راولپنڊي(نمائندا+م ڊ) آرم چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته فوج اندرين ۽ ٻاهرين خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ سموريون صلاحيتون رکي ٿي، فوج جي ڪاميابي وڏي حد تائين عوام جي حمايت تي منحصر آهي، يوم دفاع جي مرڪزي تقريب جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ٿي جنهن ۾ صدر مملڪت عارف علوي، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي، مخالف ڌر اڳواڻ شهبازشريف ٽنهي فوجن جي سربراهن ۽ ڪابينا ميمبرن شرڪت ڪئي، آرمي چيف چيو ته توهان جون قربانيون نه ڪڏهن فراموش ٿينديون نه رائيگيان وينديون، هن چيو ته اسان کي وطن جو دفاع جان کان وڌيڪ عزيز آهي ۽ ان لاءِ اسان هر قيمت ادا ڪرڻ لاءِ آهيون، هن چيو ته عوامي سهڪار کان بغير ڪا به فوج هجي اها واري جي ديوار ثابت ٿي آهي جيئن پاڙيسري ملڪ ۾ ٿيو، ڪجهه ماڻهو دشمنن جي هٿن ۾ کيڏن ٿا، دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ڪڏهن ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته هن پاڪ ڌرتي تي انتهاپسندي جي ڪا به گنجائش ناهي، ڪنهن شخص کي علائقائي،مذهب يا لسانيت جي بنياد تي رياست کي بليڪ ميل ڪرڻ جي اجازت نه هوندي، طاقت جو استعمال صرف ۽ صرف رياست جو اختيار آهي، هن چيو ته اعتدال پسند ۽ جديد اسلامي فلاحي رياست بڻائڻي اهي، جمهوريت ۾ پاڪستان جي مضبوطي ۽ بقا آهي، اسان سڀني کي آئين جي پاسداري،برداشت ۽ راواداري کي هٿي ڏيڻي پوندي، تنقيد براءِ تنقيد ۽ ذاتي رنجشن کي پٺتي رکڻو پوندو، هن چيو ته پاڪستان افغانستان سان گڏ بيٺو آهي، افغانستان ۾ عورتن سميت انساني حقن جو احترام ٿيڻ گهرجي، اسان جي امن پسندي جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڪشمير مسئلو اهم حيثيت رکي ٿو، ڪشمير بابت ڀارت جي 5 آگسٽ جي قدمن کي رد ڪريون ٿا، ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکنداسين، هن چيو ته موجوده دور ۾ جنگ جي نوعيت تبديل ٿي وئي اهي، هاڻي سڌي حملي بدران ڪنهن قوم جي يڪجهتي ۽ نظرياتي سرحدن کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ان جي مختلف طبقن ۾ انتشار پکيڙڻ، شهرين جا حوصلا ڪمزور ڪرڻ لاءِ ٻين حربن کان علاوه جديد ٽيڪنالاجي ۽ ڪميونيڪيشن جي ذريعن کي به استعمال ڪيو ويندو آهي، هن چيو ته اسان جو دشمن به غيرروايتي هٿڪنڊن پروپيگنڊا۽ ڊس انفارميشن ذريعي پنهنجا ناپاڪ مقصد حاصل ڪرڻ چاهي ٿو، سمورين حربن ۽ چالن کان اسان آگاهه آهيون، اسان کي اندروني ڏڦيڙ پکيڙيندڙن ڪجهه عنصرن سان سختي سان پيش اچڻو پوندو، هن چيو ته اسان سڀني لاءِ ڳڻتي جي ڳالهه اها آهي ته ڪجه ماڻهو ملڪ دشمن عنصرن جي هٿ ۾ استعمال ٿي رهيا آهن، ان کي هائبرڊ يا ففٿ جنريشن وار چيو ويندو آهي، ان جو مقصد پاڪستان جي پاڙن کي کوکلو ڪرڻ ۽ ملڪي سالميت کي نقصان پهچائڻ آهي، هن چيو ته اسان انشاءَ الله انهن منفي ارادن کي ڪڏهن ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، ڪنهن به جارحيت جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکون ٿا، صدر مملڪت چيو ته شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، اسان جو پاڙيسري 1947ع کان اسان جي آزادي قبول نه پيو ڪري، هن چيو ته خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جو راز ڪشمير مسئلي جي حل ۾ آهي، پاڙيسري ملڪن سان امن سان رهڻ چاهيون ٿا،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.