فيڪٽرين ۾ حادثن، گهٽ پگهارن ۽ سرڪاري ملازمن جي برطرفين خلاف ڪراچي ۾ احتجاج

ڪراچي (رپورٽر)  فيڪٽرين ۾ وڌندڙ حادثن، گهٽ پگهارن ۽ 16 هزار  سرڪاري ملازمن جي برطرفي خلاف نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن ۽ هوم بيسڊ وومين وڪرز فيڊريشن جي سڏ تي گذريل ڏينهن ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري ۾ مزود تنظيمن جي اڳواڻن ۽ مهران ٽائون سانحي ۾ شهيد ٿيندڙ نوجوانن جي وارثن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، اين ٽي ايف جي رياض عباسي، ڪامريڊ گل رحمان،هوم بيسڊ ورڪرز فيڊريشن جي ڪامريڊ زهرا خان، بلديه سانحي ايسوسيئشن جي سعيد خاتون،  پيپلز ليبر بيورو سنڌ جي حبيب جنيدي، پائلر اڳواڻ ڪرامت علي ۽ ٻين چيو ته  مهراڻ  ٽائون سانحي ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري قانوني سزا ڏني وڃي جيئن ٻين فئڪٽرين ۽ ڪارخانن ۾ اڳتي هلي اهڙا واقعا نه ٿيڻ گهرجن،فيڪٽري مالڪن جي لاپرواهي سبب 16 خاندان جا گهر اجڙي ويا،هنن چيو ته فئڪٽريون ۽ ڪارخانن ۾ قانون مطابق سهولتون ناممڪن آهن،هنن چيو ته هاڻ ڪنهن به صورت ۾ فيڪٽرين مالڪن ۽ ڪارخاني مالڪن کي حق ڦٻائڻ نه ڏينداسين،اسيمبلي ۾ ويٺل ماڻهو مزدورن جي حقن تي ڌاڙو هڻي رهيا آهن، حڪمران کي بلديه سانحي مان سبق سکڻ گهرجي ها،ان موقعي نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن جي اڳواڻ ناصر منصور چيو ته  هن وقت 95 سيڪڙو فئڪٽري مالڪ مزدورن کي سرڪاري طور  تي مقرر ٿيل پگهار نٿا ڏين، مزدورن جي محنت سان پنهنجي ملڪيت گڏ ڪئي پئي وڃي باقي فيئڪٽرين ۽ ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن لاءِ  موت جا چيمبر بڻائڻ ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي، ڪامريڊ زهرا خان چيو ته چيو ته عدالتون به اسان جون ناهن رهيون نه ئي قانون مزدورن لاءِ بچيو آهي، مزدورن جو بنيادي حق حاصل ڪرڻ ۽ اسيمبلي ويٺل ماڻهن جون اکيون کولرائن لاءِ اسان کي متحد ٿي تحريڪ هلائڻ ضروري آهي، هي بيوروڪريسي ڪري مزدورن سان ناانصافي ڪئي وئي آهي، سياسي ماڻهو اسيمبلي  هال ۾ ويهي مزدورن جي حقن تي ڌاڙو هڻي رهيا آهن، حبيب جنيدي چيو ته گذريل ڏينهن جيڪو ڪورنگي ۾ واقعو ٿيو ان جي سخت مذمت ڪريون ٿا سنڌ حڪومت کي گهرجي ته  مهراڻ ٽائون سانحي ۾ شهيد ٿيلن جي وارثن کي 25 لک ۽ زخمين جي وارثن کي 10 لک ڏيڻ گهرجن،هن چيو ته فيڪٽرين ۽ ڪارخانن ۾ مزدورن لاءِ سهولتون ڏنيون وڃن هتي ڪو به فئڪٽري مالڪ مقرر ٿيل پگهار ڏيڻ لاءِ تيار ناهي هن چيو ته اسان کي ڪنهن پارٽي ڪنهن سرمائيدار مان ڪا اميد ناهي،هن چيو ته هاڻ هر هنڌ مزدور يونين لاءِ تحريڪ هلائي ويندي،  جيستائين مزدور متحد نه ٿيندا تيستائين هي مانگر مڇ ائين پيا مزدورن جو رت چوسيندا رهندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.