15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان:ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ

لاهور (م ڊ) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ قومي ٽيم جو اعلان ٿي ويو، جنهن ۾ تجربي ڪار رانديگرن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي.چيف سليڪٽر محمد وسيم پريس ڪانفرنس ڪندي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو، جڏهن ته نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ خلاف به اها ئي ٽيم ٽي ٽوئنٽي سيريز کيڏندي. عالمي ڪپ لاءِ اعلانيل 15 رڪني اسڪواڊ ۾ بابر اعظم ڪپتان، شاداب خان (نائب ڪپتان)، محمد حفيظ، اعظم خان، آصف علي، صهيب مقصود، خوشدل شاهه، محمد رضوان، عماد وسيم، محمد نواز، حسن علي، محمد حسنين، حارث رئوف، محمد وسيم جونيئر، شاهين آفريدي شامل آهن. ورلڊ ڪپ لاءِ اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد، سينيئر فاسٽ بالر وهاب رياض، تجربي ڪار آل رائونڊر شعيب ملڪ ۽ هارڊ هٽر اوپنر شرجيل خان کي ٽيم ۾ شامل ناهي ڪيو ويو.پريس ڪانفرنس دوران چيف سليڪٽر چيو ته ورلڊ ڪپ لاءِ اسڪواڊ 15 رڪني آهي، جڏهن ته 3 ريزور پليئر شامل آهن، ٽيم جي ضرورت موجب چونڊ ڪئي آهي، ڪنڊيشن کي ذهن ۾ رکيو ويو آهي.هن ٻڌايو ته اسڪواڊ ۾ 5 بيٽسمين، 2 وڪيٽ ڪيپر، 4 آل رائونڊر ۽ 4 فاسٽ بالر شامل آهن، ريزرو پليئرز ۾ فخر زمان، شاهنواز ڏاهاڻي ۽ عثمان قادر شامل آهن .واضح رهي ته آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ گڏيل عرب امارتن ۽ عمان ۾ 17 آڪٽوبر کان شروع ٿيندو ۽ ميگا ايونٽ جو فائنل 14 نومبر تي دبئي ۾ کيڏيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.