ڪراچي ۾ فائرنگ ھڪ ڄڻو قتل، 4 زخمي

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ دوران ھڪ ڄڻو قتل 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا . زمان ٽائون ٿاڻي جي حد ڪورنگي دارالسلام سوسائٽي ڀرسان ناصر جمپ ميرج ھال لڳ ڦر دوران مزاحمت تي جوابدارن جي فائرنگ ۾ 22 ورهين جو نوجوان عذير ولد خالد قتل ٿي ويو. واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا اطلاع تي پوليس پھچي لاش کي ڪارروائي جي لاءِ جناح ادپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب واقعي بابت جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ مقتول جو لاش ڪارروائي بعد سندس وارثن حوالي ڪيو ويو آهي. ڊاڪس ٿاڻي جي حد ڪي پي ٽي فلاءِ اوور پل ڀرسان فائرنگ ۾ عارف مرزا ولد اسد مرزا زخمي ٿي پيو. شاھراهه  فيصل ٿاڻي جي حد گلستان جوھر بلاڪ 15 ايف بي آر آفيس ڀرسان ڦر دوران مذاحمت تي فائرنگ ۾ اظھرعلي ولد مظفر علي زخمي ٿي پي. جيڪسن ٿاڻي جي حد جيڪسن مارڪيٽ ڪياماڙي نيشنل بئنڪ جو سيڪيورٽي گارڊ يامين ولد علي شاھ خان اتفاقي گولي لڳڻ سان زخمي ٿي پيو. زخمين کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.