صوبائي وزير ڄام خان شورو پاران لٺ ۽ ٿدو ڊيم جو دورو

گڏاپ (رپورٽ: ممتاز شيخ ) آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير ڄام خان شورو ملير ۾ لٺ ڊيم ۽ ٿدو ڊيمن جو دورو ڪري پاڻي صورتحال جو جائزو ورتو.دوري دوران آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير ڄام خان شورو کاتي جي لاڳاپيل عملدارن کي سخت ھدايتون جاري ڪندي چيو آهي ته اھي لٺ ۽ ٿدي ڊيمن ۾ پاڻي جي سطح وڌڻ سبب ڀرپاسي جي آبادين کي پيش ايندڙ مسئلن۽ مشڪلاتن جي بھتر حل جي لاء لوڪل گورنمينٽ ۽ ٻين واسطيدار کاتن جي عملدارن سان رابطي ۾ رھندي گڏجاڻيون ڪوٺائين ته جيئن سعدي ٽائون ۽ ڀرپاسي جي آبادين کي پيش ايندڙ مسئلن جي فوري حل کي يقيني بڻائي سگهجي.صوبائي وزير آبپاشي  چيو ته لٺ ڊيم جو پاڻي ملير ندي ۾ وڃڻ کان پھرين سعدي ٽائون ۽ ڀرپاسي جي آبادين مان گذرندو آھي جنهن سبب اھي آباديون متاثر ٿينديون آهن ان ڏس ۾ سمورن لاڳاپيل عملدارن کي سخت ھدايت ڪئي وئي آهي ته اھي لٺ ڊيم ۽ ٿدو ڊيم تي سمورا وسيلا ڪتب آڻيندي پنھجا انتظام مڪمل رکن.ان کان اڳ آبپاشي کاتي جي لاڳاپيل عملدارن صوبائي وزير آبپاشي کاتو ڄام خان شورو کي ڊيمن ۾ پاڻي صورتحال بابت تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.