غوثپور ۾ ذهني مريض ڀاءُ جي قبر کي باهه ڏئي ڇڏي

غوثپور (رپورٽ : عبدالغفار اوڳاهي)غوثپور جي شاھي بازار واري علائقي جي رھواسي پرائمري ماستر حبيب الله سومري طرفان شھر جي مقامي قبرستان ۾ پنھنجي ڀاءُ  جي قبر باھ ڏيڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپو۽ شھر جي سياسي سماجي ۽ مذھبي ڌرين ۾ تاءُ پکڙجي ويو آھي ۽ انھن پوليس کان مطالبو ڪيو آھي ته اھڙي ڪڌي ۽ غير اخلاقي عمل تي استاد خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي، ٻئي پاسي پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته معاملي جي جاچ ڪري رھيا آھيون، استاد جي وارثن ٻڌايو آھي ته سندس ذھني توازن ٺيڪ ناھي، وڌيڪ جاچ جاري آھي، ٻئي پاسي واقعي ۾ ملوث جوابدار جي ڀائٽي عبدالوحيد سومري ميڊيا کي ٻڌايو ته منھنجي چاچي جي ذھني حالت گھڻي عرصي کان خراب رھي ٿي ۽ ھو ڪڏھين ڪڏھين اھڙين حرڪتون ڪري ٿو جيڪي سمجھ کان ٻاھر آھن ھن عوام کي اھا به اپيل ڪئي ته معاملي کي غلط رنگ نه ڏنو وڃي اسان اڳ ئي پريشان آھيون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.