ڪراچي جي مختلف علائقن مان 5 ڄڻن جا لاش ھٿ

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي مختلف علائقن مان 5 ڄڻن جا لاش ھٿ ڪارروائي جي اسپتال منتقل. ڊيفنس فيز ٽو اسٽريٽ 20 جي ڀرسان گھر مان 3 ڏينهن  پراڻو لاش ھٿ. گھر مان بدبوءِ پکيڙڻ تي محلي وارن پوليس کي اطلاع ڪيو پوليس لاش ايڌي ايمبولينس جي ذريعي جناح اسپتال منتقل ڪيو. جتي ان جي سڃاڻپ 50 سالن جي عدنان ولد رشيد جي نالي سان ٿي آهي . ناظم آباد ٿاڻي جي حد ناظم آباد بلاڪ 3 ۾ 29 ورهين جي محمد سلمان ولد عبدالرشيد جو لاش مليو پوليس موجب لاش عباسي شھيد اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب واقعي بابت جاچ ڪئي پئي وڄين . اقبال مارڪيٽ ٿاڻي جي حد اورنگي ٽائون سيڪٽر ساڍا يارھن لعل شھباز نگر اسٽريٽ نمبر 25 ۾ گھرمان 4 کان 5 ڏينهن پراڻو 30 سالن جي نديم ولد تسليم جو لاش ھٿ. پوليس پھچي لاش ڪارروائي جي لاءِ عباسي شھيد اسپتال پھچايو . پوليس موجب واقعي بابت جاچ ڪئي پئي وڃي. سھراب ڳوٺ الاصف اسڪوائر جي ڀرسان 35 ورھين جي نامعلوم شخص جو لاش مليو. لاش عباسي شھيد اسپتال منتقل ڪيو ويو آخري اطلاع تائين لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي. ڀينس ڪالوني موڙ ڀرسان 25 سالن جي نامعلوم نوجوان جولاش ھٿ ڪري ڇيپا ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آخري اطلاع تائين لاش جي سڃاڻپ نه  ٿي سگهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.