بنگالي نار ۾ برساتي سسٽم تيار، خميس تي ڪراچي سميت سنڌ ۾ برسات جو امڪان

ڪراچي(رپورٽر) موسميات کاتي پاران ڪراچي ۾ خميس ڏينهن وري برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آھي. موسميات کاتي بنگالي نار ۾ برسات وسائيندڙ هوا جي هڪ ٻئي گهٽ دٻاءَ جي سسٽم جي موجودگي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر سردار سرفراز موجب بنگالي نار ۾ برسات وسائيندڙ هوا جو گهٽ دٻاءُ جُڙي ويو آهي، هوا جي گهٽ دٻاءَ جو رُخ اولهه ڏانهن آهي.هن ٻڌايو ته سسٽم جا اثر سنڌ  ۾  نظر اچي سگهن ٿا، 9 کان 10 سيپٽمبر دوران ڪراچي ۾ برسات جو امڪان آهي ۽ 10 سيپٽمبر کانپوءِ هڪ ٻيو گهٽ دٻاءُ نار بنگال ۾ ٺهي سگهي ٿو، جنهن جي به سنڌ تي اثرانداز ٿيڻ جو امڪان آهي. 03

دفاع جي ڏهاڙي تي هوائي فوج جي شاهينن کي خراج پيش

اسلام آباد(م ڊ) دفاع جي ڏهاڙي تي هوائي فوج جي شاهينن کي خراج پيش، پاڪستان جي هوائي فوج جي ترجمان دفاع جي مناسبت سان پاڪ فضائن جي دفاع ۾ عظيم فرض نڀائيندڙن کي خراج پيش ڪيو آهي، هڪ مختصر دستاويزي فلم جي نمائش ڪندي ڊاڪيومينٽري ۾ هوائي فوج جي جانبازن جي زندگي ۽ سامهون ايندڙ مسئلن کي سامهون آندو آهي. جيڪي هڪ ئي وقت ملڪ جو دفاع ڪرڻ لاءِ به سينه سپر رهن ٿا ۽ ملڪ جي خاطر ڪنهن به قسم جي قرباني کان به نٿا ڏجن.

سنڌ ۾ ڪورونا سبب ڀٽائي جو ميلو نه لڳائڻ جو فيصلو

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ ۾ ڪورونا جي جي لهر  کي نظر ۾ رکندي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو ميلو نه ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان عوامي آواز سان ڳالهائيندي ثقافت کاتي جي سيڪريٽري اڪبر لغاري چيوته ڪورونا وبا جو وڏو اثر آهي، ان ڪري هن ڀيري شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو ميلو نه ڪرايو ويندو،

سنڌ ڪابينا جو اجلاس اڄ طلب

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ ڪابينا جو اجلاس اڄ وزيراعلي هائوس ۾ ٿيندو،  وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ رٿيل اجلاس ۾ 18 نقاطي ايجنڊا تي غور ويچاري ڪري فيصلا ڪيا ويندا، ايجنڊا ۾ 12 پارلياماني سيڪريٽرين جي مقرري، صحت، روينيو، اقليتي معاملا، فشريز ۽ عورتن جي ترقي کاتن بابت وزيرن جي بريفنگ،  تعليمي ادارن ۾ رورل ۽ اربن ڪوٽا تحت ڊوميسائيلن تي داخلا، اسڪولن کي اپگريڊ ڪرڻ بابت پاليسي، انفارميشن کاتي جي ڊائريڪٽرن ۽ سنڌ انفارميشن  ڪميشن لاءِ گاڏين جي خريداري سيمت ٻي ايجنڊا شامل آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.