ڪنٽومينٽ بورڊ چونڊ، فائرنگ، اميدوار 3پٽن سميت 6 ڄڻا زخمي

لاهور(م ڊ) ڪنٽومينٽ بورڊ چونڊ، فائرنگ ليگي اڳواڻ 3پٽن سمت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، لاهور جي والٽن واري علائقن چونڊن دوران ٻن گروپن ۾ منهن ماري بعد فائرنگ جي ڏي وٽ ٿي جنهن نتيجي ۾ ن ليگ اميدوار نعيم بٽ جي ٽن پٽن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، واقعي جي ن ليگ اڳواڻ سعد رفيق سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پوليس تحفظ ڏيڻ بجاءِ اسان جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو آهي.

ڪورنگي ۾ ٻارڙيءَ  سان زيادتي جو ڪيس ماڊل ڪورٽ ۾ هلندو

ڪراچي (رپورٽر)مقامي عدالت ۾ ڪورنگي ۾ 6  ورهين جي ٻارڙيءَ  سان زيادتي کان پوءِ قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت چالان جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ منتقل ڪري ڇڏيو آهي .جڏهن ته جڊيشل مئجسٽر يٽ وڌيڪ ڪارروائي جي لاءِ ڪيس سيشن عدالت ۾ موڪلي ڇڏيو آهي .دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪيس کي سيشن ڪورٽ ۾ منتقل ڪيو هو .ماهم زيادتي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ماڊل ڪورٽ ۾ ٿيندي . زيادتي ڪيس ۾ جوابدار ڏوهه جو اعتراف ڪري چڪو آهي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.