نوري آباد پاور پلانٽ ڪيس ۾ پيشي، ريفرنس ۾ ڪجهه حصا غائب آهن: وڏو وزير

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ نوري آباد پاور پلانٽ ۾ غيرقانوني ٺيڪن ۽ مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻيدوران سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه پيش ٿيو. طلبي باوجود نيب جو جاچ آفيسر پيش نه ٿيو، عدالت جي اجازت سان وڏو وزير مراد علي شاهه حاضري لڳائي واپس ويو. عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته اين سي او سي جي دائري ۾ رهي فيصلا ڪندا آهيون، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪورونا وڌڻ تي لاڪ ڊائون لڳايو ته تنقيد جو منهن ڏسڻو پيو، اسان کي ٻيهر متحد ٿي وبا تي ڪنٽرول جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته منهنجي خلاف ريفرنس جي 66 واليم جا ڪجهه صفحا غائب آهن. جڏهن ته عدالت طرفان حڪم ڏنو ويو آهي ته مڪمل صفحا ڏنا وڃن. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.