ڊي جي آءِ ايس آءِ جي ملا برادر سان ملاقات، سي پيڪ ۾ شموليت چاهيون ٿا: طالبان

ڪابل (م ڊ) طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد چيو آهي ته افغانستان جي دوري تي آيل ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل فيض محمد طالبان جي نائب امير ملا عبدالغني برادر سان به ملاقات ڪئي هئي.برطانوي خابرو اداريموجب طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد پريس ڪانفرنس ۾ هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته  پاڪستان جي ڳجهي ايجنسي آءِ ايس آءِ جي سربراهه جنرل فيض حميد ڪابل جي دوري دوران طالبان جي نائب امير ملا عبدالغني برادر سان به ملاقات ڪئي. ترجمان ذبيح الله مجاهد چيو ته  آءِ ايس آءِ سربراهه سان گڏ ايندڙ وفد ملاقات ۾ ڪابل ايئرپورٽ کي فعال ڪرڻ ۾  مدد جي آڇ ڪئي. جنهن تي اسان سندن ٿورو ادا ڪندي چيو ته اسان جي پهرين ترجيح پنهنجو نظام عمل ترتيب ڏيڻ آهي.طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد اهو به ٻڌايو ته جنرل فيض حميد جي سربراهي ۾ ايندڙ وفد ڊيورنڊ لائن جي حفاظت ۽ جيلن مان ڀڄندڙ قيدين بابت خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته مفرور قيدي پاڪستان کي نقصان پهچائي سگهن ٿا.   طالبان ترجمان موجب پاڪستاني وفد کي ان خدشن جي جواب ۾ سرحدن جي حفاظت ۽ افغانستان مان پاڪستان جي خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪرڻ جو يقين ڏياريو ويو افغان زمين کي پاڪستان جي خلاف استعمال ٿيڻ ڏنو ويندو. هوڏانهن  افغان طالبان چيو آهي ته چائنا پاڪستان اڪنامڪ ڪوريڊور (سي پيڪ) ۾ شموليت جا خواهشمند آهيون ۽ پاڪستان کي جن معاملن تي ڳڻتي آهي، اهي حل ڪنداسين. طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد پريس ڪانفرنس دوران پنجشير وادي جو مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي چيو ته افغانستان ۾ هاڻ جنگ جو دور ختم ٿي چڪو. جلد حڪومت جو اعلان ڪنداسين، حڪومت ٺهڻ کانپوءِ عورتن کي صحيح وقت تي احتجاج ڪرڻ ۽ آواز اٿارڻ جو حق آهي. هن چيو ته افعانستان سي پيڪ منصوبن ۾ شموليت جو خواهشمند آهي، جڏهن ته دهشتگردي ۽ سلامتي معاملن تي پاڪستان جي ڳڻتي جائز آهي، جن معاملن تي پاڪستان کي ڳڻتي آهي، اهي معاملا حل ڪيا ويندا، افغانستان جي سرزمين پاڪستان خلاف ڪنهن به ملڪ خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين. طالبان ترجمان ڪرغزستان، افغانستان، تاجڪستان ۽ پاڪستان وچ ۾ چار ملڪي بجلي منصوبي ”ڪاسا“ کي به پورو ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.