يونيورسٽين ۾ايندڙ زڪوات واپس ڇو ٿي ٿئي، غريب شاگردن جي مدد ڪيو:هاءِ ڪورٽ

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پهنور ۽ جسٽس عدنان ڪريم ميمڻ تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ  سنڌ جي يونيورسٽن کي زڪوت فنڊ استعمال نه ڪرڻ ۽ زڪوت کاتي پاران فنڊ واپس وٺڻ واري ڪيس ۾ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ، زڪوت ۽ اوقاف کاتي جي سيڪريٽري سميت ٻيا عملدار پيش ٿيا. ڪراچي يونيورسٽي، جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ،شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي  سميت مختلف شهرن جي يونيورسٽين جي رجسٽرارن  سميت اعلي  عملدار به  پيش ٿيا .عدالت پڇاڻو ڪيو ته اوهان کي فنڊ ملي رهيا آهن جيڪڏهن فنڊ ملي رهيا آهن ته يونيورسٽن کي فائدو آهي .  جيڪڏهن  فنڊ دير سان مليا ته اوهان کي جاچ پڙتال ڪرڻ گهرجي . ايدووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته زڪوت فنڊ استعمال نه ٿيندو آهي ته واپس ٿي ويندو آهي .عدالت چيو ته جيڪڏهن اوهان زڪوات ڏني ته ڪهڙن سببن  جي ڪري استعمال نه ٿي ته واپس ڇو ڪئي ويندي آهي زڪوات زڪوات هوندي آهي . اسان ان ڪيس کي جاري رکڻ چاهيون ٿا .يونيورسٽن جي وڪيل چيو ته اسان وٽ سوشل ويليفئر يتيم خانا رجسٽرڊ نه آهن . زڪوات کاتي جي سيڪريٽري چيو ته اسان 34 سوشل ويليفيئر يتيم خانن کي رجسٽرڊ ڪيو آهي .عدالت موجود معاملي ته لاڳاپيل ادارن کي زڪوات جاري رکڻ جو حڪم ڏنو آهي .عدالت يونيورسٽن انتظاميا کي هوشيار ۽ ذهين شاگردن کي اسڪالر شپ ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي .زڪوت استعمال ڪرڻ جي لاءِ نادرا کان  مدد ورتي وڃي .عدالت ڪيس کي اڪلائي ڇڏيو آهي .03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.