سنڌ تي والار جاري آهي، منظم جدوجهد سان بچاءُ ٿي سگهي ٿو: ساڃاهه وند

ميرپورساڪرو/ڌاٻيجي(رپورٽ:عبدالرزاق ڪلمتي+ مقصود جوکيو) جيلاني برادريءَ جي پيرگلزار شاھ طرفان پنهنجي جيجل ماءُ جي پهرين ورسيءَ جي موقعي تي سنڌ ڌرتي ماءُ جي نالي سان گهارو ۾ ادبي ڪانفرنس منعقدڪئي ويئي،ادبي ڪانفرنس جي صدارت تاريخدان گل حسن ڪلمتي ڪئي مهمان خاص حميده گهانگهروهئي جڏهن ته مهمانن ۾ شاعره ياسمين چانڊيو،رخمان گل پالاري،قوپرست اڳواڻن سيدنوازشاھ ڀاڏائي،سيدخداڏنو شاھ،نوازخان زئور،ديدارشام، سرور خشڪ،رزاق ڪلمتي سميت سوين ماڻهن شرڪت ڪئي،ان موقعي تي ڪانفرنس کي صدارتي خطاب ڪندي تاريخدان گل حسن ڪلمتي چيوآهي ته پنجاب پاران سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙي سان ئي سنڌکي بربادڪرڻ جي سازش ڪئي ويئي آهي،سنڌکي چئني طرفن کان گهيري سنڌين جي وطن کي ڌارين جي بيٺڪ بنائي پئي،وڃي جنهن سبب مستقبل ۾ سنڌ جووڌيڪ نقصان ٿيندوهن وقت سمورا اختلاف ڇڏي سياستدانن،اديبن ۽ ليکڪن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي نه الڳ الڳ جدوجهدسان سنڌ سگهارو آواز بنجي نه سگهندو،ڪراچيءَ ۾ ڌارين جي يلغارسبب پريشان سنڌ ۾ افغانين جي آمدانتهائي نقصانڪار آهي،هن چيو ته  هاڻي اسانکي جمهوريت جي فريبي نعري مان ٻاهر نڪري سنڌلاءِ سوچڻوپوندو، مهمان خاص حميده گهانگهرو چيوآهي ته آئون ڌرتيءَ کي ڌرتي سمجهان ٿي سنڌ جوڌن،جوانن،هوشو،هيمون جهڙن دودن دليرن جي سون ورني ڌرتي آهي ان جي حفاظت اسان سڀني تي فرض آهي،ٺٽي جي زمينن تي والار افسوسناڪ عمل آهي اسان سڀني کي زمينن جي اهميت بابت پنهنجي ماڻهن کي آگاهي ڏيڻ گهرجي ته جيئن اهي پنهنجي زمينن کي ڌارين وٽ نيلام نه ڪن ۽ زمين جامالڪ ٿي ان جي حفاظت ڪن،اڄ سنڌ لاءِ سڀ سوچيون پياپرسڀ گڏجي هڪ پليٽ فارم تي ڌرتي ماءُ جي حفاظت لاءِ جدوجهدسان ئي اسين پنهنجا حق وٺي دشمنن کي ڀڄائي سگهون ٿا،مليرجي سماجي اڳواڻ سيدخداڏنو شاھ چيوآهي ته اڄ اسين پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ پريشان آهيون ان سموري صورتحال ۾ سنڌي قوم کي پنهنجو ازلي دشمن ڳولڻوپوندو ۽ ان کي سرِ عام غدار چئي ذليل نه ڪنداسين ته غدارن جي لسٽ ۾ اضافوٿيندو رهندو جئي سنڌمحاذجي مرڪزي وائيس چيئرمين سيدنواشاھ ڀاڏائي چيوته سنڌڌرتي اسانجي ماءُ آھي جنهن تي ارغونن، ترخانن ۽ انگريزن جي دور کان حملاٿيندا پيا اچن پر هاڻي  اسانجاپنهنجا جيڪي مختلف حڪومتي دورن ۾ سنڌ جي وسيلن ۽ زمينن جي بندربانٽ ڪري جيڪوسنڌکي نقصان ڏيئي رهياآهن اهو ڪڏهن به نه ٿيوآهي، هاڻي تماشي جو وقت ختم ٿي ويو آهي ڌرتي ماءُ سان ٿڃ ملهائڻ جو وقت اچي ويوآهي،جئي سنڌورڪرپارٽي جي مرڪزي چيئرمين نوازخان زنئورچيو ته سنڌسون ورني ڌرتي آهي جنهنڪري هر طرف کان والار ڪئي پئي وڃي اسين صرف نعراهڻندا رهنداسين ته ڌرتي پيرن هيٺيان نڪري ويندي ان ڪري هاڻي صرف سنڌ جونعروهڻي اسانکي ميدان تي اچڻوپوندو ۽ سنڌدشمن قوتن سان مهاڏو اٽڪائي اسين حق وٺي سگهون ٿا،سنڌ ۾ سنڌين جي ووٽ تي قائم ٿيل حڪومت ڌرتي ڌڻين کان وطن کسي ڌارين حوالي ڪرڻ جي سازش رڌل آهي ،تاريخدان رَخمان گُل پالاري چيوته ڪيٽي بندر جي ساحلي پٽيءَ ۾ ڌارين جي يلغار تيزيءَ وڌي رهي آهي جنهن جي ڳڻتي ڪرڻ گهرجي،ساحلي علائقن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ سبب فصلن کي ڪاپاري ڌڪ رسيوآهي جنهن سبب وڏا وڏا زميندار به ڪنگال ٿي وياآھن زمينن جو بنجر ٿيڻ ۽ ڌارين کي ڀڳڙن مُٺ تي زمينون وڪروڪرڻَ ٺٽي جي مزاحمتي تاريخ لاءِ انتهائي هاڃيڪارآهي جسقم جي مرڪزي پريس ترجمان ديدارشام چيو  ته اڄ هن پروگرام ذريعي جيڪاڌرتيءَ کي ڀيٽاڏني ويئي آھي اهاڀيٽاسنڌ ۾ رجعت پسنديءَ واري سوچ کي ختم ڪري روشن خياليءَ جانوان بنياد وجهندي،هن چيوته سنڌهيمشه مزاحمت ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.