سراج دراني خلاف ڪيس جي روز ٻڌڻي لاءِ وڪيلن کي تياري جي هدايت

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ  جي جسٽس نديم اختر ۽ جسٽس اقبال ڪلهوڙي جي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ صوبائي اسيمبلي جي اسپيڪر آغاسراج دراني سميت ٻين جي آمدني کان وڌيڪ ملڪيتون ٺاهڻ واري  ڪيس ۾ ضمانت درخواست جي ٻڌڻي دوران سمورن وڪيلن کي تياري ڪرڻ جي هدايت ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 20 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪندي ضمانت ۾ واڌڪري ڇڏي آهي . عدالت چيو ته سپريم ڪورٽ جي هدايت موجب روزاني جي بنياد تي ٻڌڻي ڪئي ويندي . 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.