شهدادپور ۾ ڌاري آبادڪاري خلاف جسقم جو مارچ

شھدادپور (ن ع آ) شھدادپور ۾ جسقم جساف ضلع سانگھڙ جي طرفان ڌاري آبادڪاري ۽ قومي ڪارڪنن جي جبري گمشدگينخلاف اسٽيشن چوڪ کان نٽھڻ اس ۽ سخت گرمي ۾ سوين قومي ڪارڪنن جو پيادل مارچ پريس ڪلب پھتو پريس ڪلب شھدادپور اڳيان جسقم اڳواڻن آزاد ڪنڀر وزير ڪلھوڙو شريف ڪلھوڙو علي رضا خاصخيلي سرفراز ميمڻ محمد علي کوسو الله داد مري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ کي ننڌڻڪو سمجھي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت افغانستان مان ايندڙ افغانين کي سنڌ جي دل ڪراچي سميت مختلف شھرن ۾ رهائڻ لاءِ قدم پئي کڻي، جيڪا سازش ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي  ويندي ٻين صوبن افغانين کي ترسائڻ کان ٺپ جواب ڏنو آهي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ مان قومي ڪارڪنن جي جبري گمشدگي جو عالمي طاقتون نوٽيس وٺن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.