ڪراچي ۾ مامي سان گڏجي ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ ۽ چاهيندڙ کي ڪُهي ڇڏيو

ڪراچي ( رپورٽ: حفيظ ڦلپوٽو )  ڪراچي ۾ مبينا ٽائون ٿاڻي جي حد گلشن اقبال ابوالحسن اصفھاني روڊ تي واقعي قائد اعظم ڪالوني ۾ تيز دار آلي جي وار سان عورت ۽ مرد زخمي ٿي پيا جن کي طبي امداد لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو . زخمي ٿيلن جي سڄاڻپ 25 سالن جو ماجد حسين ولد شفيع حسين ۽ عورت جي 20 سالن جي گلناز ڌي محمد صديق جي نالن سان ڪئي وئي آهي . پوليس موجب زخمي ٿي ويل ماجد حسين جناح اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو . جڏھن ته  عورت گلناز جي حالت به  ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڄين . پوليس جو چوڻ آهي ته محمد شيراز ولد محمد صديق پنهنجي مامي سان گڏ ملي ڪري غيرت جي نالي تي پنهنجي ڀيڻ ۽ ان سان محبت ڪندڙ ماجد حسين کي ھڪ ٻئي سان گڏ ڏسڻ تي ڪاوڙ ۾ اچي ڪري ڇري سان حملو ڪري ڏنو . پوليس موجب موقعي تي پھچي ڪري گلناز جي ڀاءُ شيراز ۽ ان جي مامي رجب علي کي حراست ۾ وٺي ڪري قتل استعمال ھٿ ڪري ورتو . پوليس موجب جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ ان جي عاشق تي حملي جو اعتراف به  ڪري ورتو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.