اليڪشن ڪميشن ۾ مقرريون:شهبازشريف وزيراعظم جا نالا رد ڪري ڇڏيا

ڪراچي (م ڊ) نامياري صحافي ۽ تجزئي نگار امداد سومري يوٽيوب چينل تي پنهنجن ذريعن جي حوالي سان ڳالهائيندي ٻڌايو آهي ته وزيراعظم عمران خان، قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف کي پنجاب ۽خيبر پختونخواهه جي اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي چونڊ لاءِ خط لکي جيڪي نالا موڪليا آهن تن کي شهباز شريف رد ڪري ڇڏيو آهي، واضح رهي ته آئيني تقاضا تحت وزيراعظم مجبوري مان شهباز شريف سان خط ذريعي رابطو ڪندي پنجاب جي اليڪشن ڪميشن جي هڪ ميمبر لاءِ احسن محبوب، پرويز عباس ۽ راجا عامر خان جڏهن ته خيبر پختون خواهه جي اليڪشن ڪميشن لاءِ جسٽس اڪرام الله خان، فريد الله خان ۽ مزمل الله خان جا جيڪي نالا لکي موڪليا آهن تن بابت شهباز شريف پ پ جي چيئر مين بلاول ڀٽو زرداري جيڪو ملتان ۾ آهي تنهن سان فون تي ڳالهائيندي ٻڌايو آهي ته وزير اعظم طرفان موڪليل نالن کي ته مان نامنظور ڪيان ٿو تنهن ڪري اسان مخالف ڌر کي اليڪشن ڪميشن لاءِ پنهنجا نالا تجويز ڪري ڏيڻ گهرجن ان سلسلي ۾ پنهنجو رابطو ٿيڻ گهرجي، شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو زرداري وچ ۾ ٽيليفون تي ٿيل ڳالهه ٻولهه ۾ ٻين معاملن جهڙوڪ چونڊ سڌارن، ميڊيا اٿارٽي بل وغيره تي پڻ مختصر طور ويچاريو ويو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.