ڪرپشن ڪيس: اعجاز جکراڻي پاران دير سان پهچڻ تي عدالت کان معافي

سکر(رپورٽ :شفيع محمد ابڙو ) ، جيل کاتي سنڌ جي صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي ۽ سندس ساٿين خلاف نيب پاران احتساب عدالت ۾ داخل ڪيل ٻن ڪرپشن جي ريفرنسن جي ٻڌڻي احتساب عدالت سکر ۾ ٿي گذري، ٻڌڻي دوران صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي جي  پيش نه ٿيڻ تي عدالت جي جج اعجاز جکراڻي جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو، وارنٽ جاري ٿيڻ کان اڳ ئي  اعجاز جکراڻي عدالت ۾ پيش ٿيو، جنھن تي عدالت پاران اعجاز جکراڻي کان دير سان اچڻ تي پڇاڻو ڪيو، جنھن کان پوءِ اعجاز جکراڻي  ڪورٽ ۾ دير سان پيش ٿيڻ تان معافي جي درخواست پيش ڪئي، جنھن عدالت منظور ڪندي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪرڻ واري حڪم کي واپس وٺي ڇڏيو، جنھن بعد عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي، ياد رهي ته صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي ۽ سندس ساٿين خلاف نيب سکر پاران احتساب عدالت ۾ ھڪ ارب روپين کان وڌيڪ ڪرپشن جا 2 جدا جدا ريفرنس داخل ڪيا ويا آھن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.