استاد ڀرتي نه ڪرڻ تي ڪاوڙ، اهل ماڻهو ڌڪا پيا کائن، ڀرتيون ڇو نه ٿا ڪيو:هاءِ ڪورٽ

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پهنور ۽ جسٽس عدنان ڪريم ميمڻ تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ  طرفان 2017ع ۾ جي ايس ٽي ۽ پي ايس ٽي ٽيسٽ پاس اميدوارن کي ڀرتي نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو. عدالت ۾   تعليم جي  سيڪريٽري اڪبر لغاري سميت ٻيا عملدار پيش ٿيا .تعليم کاتي ۾   40هزار کان وڌيڪ استادن جون پوسٽون خالي آهن. جسٽس صلاح الدين  پنهور  رمارڪس ڏنا ته اوهان وٽ ڪواليفاءِ ماڻهو موجود آهن.  پر کين ڀرتي ڪرڻ بدران ڌڪا کائڻ تي مجبور ڪيو ويو. عدالت طرفان مهيني اندر 107 اميدوارن کي ڀرتي ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم  ڏنو ويو آھي. عدالت رمارڪس ڏنا ته جن اميدوارن جي عمر وڌي وئي آهي، انهن کي 3 سالن جي رعايت ڏني وڃي، سيڪريٽري ايجوڪيشن ٻڌايو ته ڀرتين لاءِ ڪميٽي جوڙي آهي، اميدوارن جا جائز مطالبا تسليم ڪيا ويندا.درخواستگذارمحمد اسلم  جو چوڻ هو ته 2017ع ۾ جونيئر ايليمنٽري اسڪول استاد ۽ ارلي چائلڊ هوڊ استاد جي لاءِ امتحان ڏنو .اسان جون 60 مارڪون آهيون پر 50 مارڪن وارن کي رکيو ويو03.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.